گُٽڪا، مين پُڙيون واپرائڻ ڪو فخر جهڙو عمل ته ناهي ـ ماهم سنڌي

Crimeاڄ ڪلھ اسان جي سنڌ جي نوجوان نسل ايڏو ته درست راھ کان ڀٽڪيل آهي جو غلط ڪم ڪندي فخر ڪندي ۽ نيڪ عمل ڪندي لڄي پئي ٿيندي آهي ـ
ڳوٺن توڙي شهرين تي اڄوڪي دور ۾ گُٽڪي ، مين پُڙين، پان ، سوپارين جو ڪاروبار عروج تي آهي. جنهن ڪيبن واري وٽ يا دڪان واري وٽ اهي نشي آور غليظ شيون هونديون اتي نوجوان نسل جي رش ڏسڻ ۾ ايندي . جنهن ۾ گهڻائي اسڪول ۽ ڪاليج جي ڇوڪرن جي هوندي آهي . جيڪا خرچي ملندي تن سان پڙهائي جو خرچ پور ڪرڻ بدران اهي سوپاريون گٽڪا وٺي مُنهن ۾ وجهندا ۽ بنا ڪنهن خيال جي سڄو ڏينهن گهر جي فرش در ديوارن تي ۽ ٻاهر ايندي ويندي پيا ٿُڪون اڇلائيندا . سندن منهن , زبان توڙي ڏند ڳاڙها لال ائين لڳا پيا هوندا جئين ڪو رت پياڪ هجن ـ
اهو عمل اڄوڪي نوجوان نسل جي تباهي جو وڏو ڪارڻ ته آهي ئي پر گڏوگڏ شرم جوڳي ڳالھ آهي ته ڇوڪرا ان تي شرمندگي ڪرڻ بجاء فخر پيا ظاهر ڪندا آهن . انهن جي گروپ مان ڪو اهي نشا نٿو واپرائي ته اهو چريو ۽ ڊڄڻو سمجهيو ٿو وڃي . ان کي طعنا ٽوڪون هڻي زور ٿو وڌو وڃي ته تون به اسان سان گڏ اهي غليظ شيون واپرائي . انهن جو غير قانوني واپار اڄ ترقي جي بلندين تي آهي . ڀارت توڙي ٻين ملڪن مان بليڪ تي اهي سامان آڻي اتي وڪڻيا وڃن ٿا .انهن جو ڪاروبار ڪندڙ ته وڏي نفعي ۾ هجن ٿا پر واپرائيندڙ پنهنجو ٻيڙو ئي ٻوڙي ٿا ڇڏين ـ
سگريٽ نوشي جنهن لاء اسان چئون ٿا ته اها خاموش قاتل آهي پر گُٽڪا ۽ مين پڙيون چٻاڙي کائڻ سگريٽ نوشي ڪرڻ کان به 50دفعا وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان سان ڳلي جو سرطان جو رسڪ وڌيل هوندو آهي ـ
سگريٽ جي پاڪيٽن تي ته اوهانکي وارننگ ملندي پر انهن تي ڪا وارننگ ناهي هوندي ۽ لوڪل فيڪٽرين پاران غير قانوني طور تي اهو ڌنڌو هلايو وڃي ٿو . هڪ رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ئي روزانه 45 هزار ڪلو گٽڪو گراهڪ خريد ڪري استمعال ڪن ٿا ۽ 80 کان وڌيڪ فئڪٽريون موجود آهن ـ
ان کان علاوه اوهانکي اندرون سنڌ ۾ به اهو سڀ وڏي پيماني تي نظر ايندو . هڪ اندازي موجب 5 ملين اسڪولي ٻار جن جي عمر 15 سالن کان گهٽ آهي اهي گٽڪا واپرائين ٿا . ان سان ننڍي عمر ۾ ئي ڳلي جو ، وات جو ڪئينسر ترت ئي ٿي وڃي ٿو . گندي شيءَ جي وات ۾ گهڻي دير تائين موجودگي سبب اتي ڇالا ۽ ڳوڙهيون نڪري اينديون آهن ۽ اهي وڌي ان موتمار بيماري جو روپ وٺنديون آهن . اسان پاڻ ئي سوچون ته اهي گٽڪا جيڪي کليل جڳھ تي اڌ ڪلاڪ لاء رکجن ته انهن ۾ ڪيڙا پيدا ٿيو وڃن سي انساني جسم جي اندر داخل ٿي ڪهڙي حالت ڪندا هوندا ؟ اهي نشا ڪندڙ نوجوان اڪثر معدي جي تڪليف ۽ بدهضمي جي پڻ شڪايت ڪندا آهن ڇوته زهر جسم جي هر حصي تي اثر انداز ٿيندو آهي ـ
جيڪا نوجوان نسل ايڏي نشي ۾ ڌت هجي جو صبح اٿڻ بعد سڀ کان پهرين گٽڪا واپرائي , رات جو سمهڻ کان اڳ منهن غليظ ڪري سمهي ، هر وقت جي ماني بعد 5 منٽن اندر پنهنجي وات ۾ گٽڪا سوپاريون وجهي سڪون ماڻي , تنهن کي ڪئين ته فرصت ملندي جو پنهنجي روشن مستقبل جي رٿابندي ڪري ؟
ان حوالي سان ڪافي انهن تي پابندي لاء سنڌ هاء ڪورٽ ۾ اپيلون دائر ڪيون ويون , پر ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ ان زهر مثل گٽڪن ۽ مين پڙين جي وڪرو هر هنڌ جاري آهي . ظاهري طور درگذر ڪيل اهو مسئلو اصل ۾ اسان جي سماج اندر وڏي توجه گُهري رهيو آهي جنهن جو سڌو سنئون تعلق نوجوان نسل جي بربادي سان آهي 
ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s