لسي ولوڙڻ ۾ ماهر سنڌياڻيون ـ ماهم سنڌي

Sindhi Cultureهونئن ته سنڌي عورتون هر ڳالھ ۾ جس لهن پر اُھي گهريلو ڪم ڪارن ۾ پڻ سُگهڙ سمجهيون وڃن ٿيون ۽ اهڙي سٺي طريقي سان گهر سنڀالين ٿيون جو مردن بي فڪر هجن ٿا ـ
جن عورتن وٽ مالوند (مينهون، ڍڳيون) هوندو آهي اهي ان جو کير ڏوهڻ ان جي لسي ٺاهڻ مکڻ ڪڍڻ، توڙي ديسي گيھ ٺاهڻ خوب ڄاڻن ٿيون، پر ان سڀ ۾ لسي ولوڙڻ وارو مرحلو نهايت ئي دلچسپ گڏوگڏ محنت وارو به هوندو آهي. سڀ کان پهرين عورتون کير کي گرم ڪري ان ۾ ٿوري مقدار ۾ لسي ملائي ڏُڏ ڄمائڻ لاء،(ڌوئنرو) ٺاهڻ لاء رات جو رکن ٿيون ۽ صبح تائين بئڪٽريا جي عمل ٿيڻ سبب سڄو کير ڦِٽي ڌوئنرو ٿي ويندو آهي. جيڪا هڪ ٿڌي، کٽي ۽ هاضمو درست ڪندڙ مشروب سمجهي وڃي ٿي. صبح سوير ئي اڪثر گهر جي وڏڙي عورت اهو ذمو کڻي ٿي ڇوته هو ڄاڻي ٿي ته سالن جي تجربي سبب هو ئي بهتر طريقي سان لسي ولوڙي سگهي ٿي. لسي کي جهڻ پڻ سڏيو وڃي ٿو ـ
سڀ کان پهرين هو رات وارو ڄمايل کير کڻندي ان کي وڏي ٺڪر جي ٺهيل ڪُني (ديگڙي نما گلن سان چٽيل ٿانؤ) ۾ وجهندي . ان ۾ سڄو ڏڌ وجهي پوء کٽ جي هڪ پاوي تي اچي ويهي ٿي يا ڪو پاوي نما ٿلهي زمين تي لڳل لٺ سامهون اچي ويهي ٿي . ان ديڳڙي جي ڍڪ ۾ وڏو گول سوراخ هجي ٿو. اهو ان ڪُني جي مٿان آيل ڍڪ ذريعي اندر طرف گزاريو وڃي ٿو جنهنکي منڌاڻي چئبو آهي. ان منڌاڻي جو هيٺين پاسي کان چؤطرف ڪنڊائتا پاسا نڪتل هجن ٿا. ڪُني جي ڍڪ کان ٻاهر نڪتل انهي لٺ نما منڌاڻي يا جهيرڻي جي مٿيئن پاسي کي رسي ذريعي کٽ جي پاوي سان ٻڌيو وڃي ٿو ۽ ان جي وچ مان ٻڌل ٻي رسي جا آخري پاسا پنهنجي هٿ ۾ رکجن ٿا. ان ڪُني کي صحيح سان هڪ جڳھ تي فڪس ڪري جڏهن اهي ٻئي منڌاڻي جي وچ مان گزاريل رسا ڇڪبا آهن ، مطلب ته هڪ ٿورو ڇڪيو ويندو ۽ ٻيو ڍرو ڪيو ويندو ته ان ڏڌ مان وڏو زر زراٽ جو آواز پيو نڪرندو آهي. اڳ جي وقت ۾ ننڍن ٻارن کي مائرون لسي ولوڙڻ وقت مشهور سنڌي لوڪ گيت جيان نظم
جهو جهو ماٽي لسي پنهنجي گهاٽي “ ـ”
سُر ۾ ٻڌائينديون هيون ۽ ٻار ڏاڍا خوش ٿي ان تي جهومندا ۽ گڏوگڏ ڳائيندا هيا ـ
پوءِ عورتون لسي مڪمل ولوڙڻ بعد کير جي ملائي مان ٺهيل مکڻ جا چاڻا ڪڍنڍيون وينديون آهن. اهو مکڻ الڳ ڪري رکيو ويندو آهي ۽ لسي پيئڻ لاء استمعال ٿيندي آهي . اڳ جي دؤر جا گهڻا ماڻهو ٻنپهرن جي ماني ئي لسي ۽ مکڻ سان کائيندا هئا. ان سان ماڻهو صحتمند هوندا هئا ڇوته گهريلو هٿن سان ٺاهيل لسي هر ملاوٽ کان پاڪ هوندي هئي . ڪي ماڻهو ته لسي ۾ کنڊ ملائي پڻ پيئن ٿا ڪي وري لوڻ سان ٿوري نمڪين ڪري استمعال ڪن ٿا. اڄ ڪلھ جي جديد دؤر ۾ لسي ولوڙڻ جون مشينون پڻ اچي ويون آهن جيڪي هر گهر ۾ استمعال ٿي رهيون آهن پر ڪُني ۾ ولوڙيل لسي جو مزو ئي پنهنجو هوندو هيو ـ
چوڻي آهي ته سانوڻي جي مند ۾ جڏهن بارش نه وسندي هئي ته ڳوٺاڻيون عورتون سنئوڻ ساٺ ڪندي منڌاڻي ٻاهر آسمان هيٺ ڪڍي رکنديون هيون ته ان سان مينهن ڇڪ ڪري ايندو. انهن موجب جئين منڌاڻي ڌوئنري يا ڏهي ۾ لڪل مکڻ ميڙي سيڙي ڪڍي ٿي تئين مينهن به آڻيندي ـ
اها لسي ولوڙڻ جي ڪرت سنڌي ڳوٺاڻي ثقافت جو پڻ حصو آهي . ان هنر جو ٺهيل مجسمو اوهانکي سنڌ ميوزيم اندر پڻ ڏسڻ لاء ملندو
ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s