سنڌين کي سُستي پاڻ مان تڙي ڪڍڻ گهرجي – ماهم سنڌي

Educationاها قوم تيستائين ڪامياب نه ٿيندي آهي جيستائين ان ۾ سخت محنت ڪرڻ جي قوت ۽ جذبو نه هوندو جئين پرائمري ۾ بيت پڙهبو هيو ـ
“ سُستي مان ڇا هڙ حاصل، قدم وڌائي اڳتي هل ـ
چنڊ تي پهتو آ انسان، محنت جو سڀ آهي ڦل“ ـ
انهي نظم وانگر سستي ۽ ڪاهلي ڪنهن به قوم کي اسرڻ ناهي ڏيندي . بيشڪ سنڌي قوم محنتي ۽ پنهنجي ڌرتي تان سر قربان ڪرڻ واري آهي پر مان پنهنجي ويجهڙائي ۾ سنڌي ماڻهن کي ڪافي سست ڏٺو آهي. حالانڪه مغلن، ارغونن، ترخانن، عربن توڙي انگريزن جي وقت جا قصا پڙهندي هر هڪ سنڌي سپوت کي ڪنهن جنگ جو سپھ سالار پئي سمجهيم پر هنيئر ان جي حالت بنھ مختلف آهي ـ
اڄ جا نوجوان محنت ڪرڻ بدران رڳو شارٽ ڪٽ جي رستي پويان پيا آهن ڀلي نتيجو غلط هجي ـ
اڪثر اهو ڏسندي رهان ٿي ته ڇوڪرو جوان ٿي پڙهائي مڪمل ڪري ٿو ته مائٽن جي رڳو اها رٽ هوندي آهي ته پٽ کي سرڪاري نوڪري ملي ڀلي ڪهڙي به ڇو نه هجي. اهو پڙهائي پوري ڪندڙ نوجوان به ذهن ٺاهي ڇڏي ٿو ته سرڪاري نوڪري لاء اپلاء ڪندس اها ملي، نٿي ملي ته رڳو تقدير ۽ قسمت تي معيارون پيو ڏيندس. جنهن ۾ ان جي ابي جي ماءُ جي لامشروط حمايت شامل هوندي آهي . مائٽ چوندا رهندا سرڪاري نوڪري سڀن کان ڀلي آهي کڻي اها مالهي يا چوڪيدار جي ئي ڇو نه هجي ـ
اگر نوجوان قابل آهي ڪنهن به علم جي شعبي ۾ ٿوري گهڻي دسترس رکي ٿو ته اهو ان کاتي ۾ پاڻ کي پرائيوٽ سيڪٽر ۾ پڻ مڃائي سگهي ٿو . لازمي ناهي سرڪاري ملازمت پويان مٿي جا وار سفيد ويهي ڪجن ۽ عمر جي گزرڻ جو ايڏو انتظار ڪجي جو سڀاڻي بي معيارا ٿي چون اسان جي ته عمر جي حد ئي گزري وئي هاڻي ڇا ملندي نوڪري. اسين تي سڄي حياتي لاء بي روزگار ٿياسين . خدا کي الاهي ڪهڙر دشمني هئي جو هڪ سرڪاري نوڪري به مونکي نه ڏنس وغيره وغيره ـ
ٻيو ته جنهن کي سرڪاري نوڪري مليو وڃي اهو ته ستين آسمان تي پيو سير ڪندو. پوء ڀلي اها ملازمت صفا هيٺين اسڪيل جي ڇو نه هجي. مون پاڻ اکين سان ڏٺو آهي ته ڊاڪٽري پڙهي ويٺل ، زراعت جي مختلف شعبن ، ماس ڪميونيڪشن توڙي انجنئيرنگ جي مختلف کاتن تي گريجوئيشن ڪري ڊگريون کڻندڙ نوجوان ڇوڪرا 7 اسڪيل جي ماستري ۽ 9 اسڪيل جي ڪلارڪي لاء پيا درخواستون ڏيندا آهن گڏوگڏ سفارشون به ڪرائيندا ته اها ملي . انهن کان پڇجي ته اگر توهان کي انٽرميڊئيٽ بيس تي ئي نوڪري کپندي هئي ته ايڏيون پڙهائيون ايڏا خرچ ۽ ڪاغذي ڊگريون ڇو ۽ ڇا لاء؟
آسپاس ۾ موجود نوجوانن منجھ مون اهو به لاڙو ڏٺو آهي ته اهي وڏا وس ٿا لائين ته نوڪري جيڪا به هجي اڌ ڏينهن جي هجي ان بعد موڪل هجي. حاضري ڏجي ته صبح ٽائيم ڏجي باقي لنچ بعد وارو وقت گهر ۾ گزارجي . لنچ بعد ڪاڏي وڃڻ بدران گهر ۾ آرام پيو ڪجي ۽ زالن ٻارن کي پيو ڏسجي ۽ ڪير اٿڻ لاء ۽ ڪم ڪار لاء نه چوي. اگر ماستري ملندي ته گوسڙو ٿيا گهر ۾ ويٺل هوندا ڪلارڪي ملي ته به صبح جا 11 ڪري پوء ويندا. جن کي سرڪاري نوڪري ٿي ملي مجال آهي جو ٻي ڪنهن موقعي جي يا هُنر جي تلاش ڪن يا ٻي ڪنهن ڌنڌي سان لڳن . ڇوته هو انهي هُش ۾ خوش هوندا آهن ته اسان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون جو سرڪار اسانکي پنهنجي ملازمت جي قابل سمجهيو. اهي سرڪاري ملازمت ڪرڻ سان گڏ ٻي ڪنهن ڌنڌي شروع ڪرڻ نوان موقعا ڳولڻ يا ٻي طرف سيڙپ ڪرڻ جو سوچيندا ئي ناهن رڳو پيا ڏسندا ته ڪڏهن مهينو ٿو پورو ٿئي جو بئنڪ اڳيان قطار ۾ وڃي بيهون ـ
اهي رڳو چاهيندا آهن ته پاڻ جهڙا دوست هجن جيڪي سست هجن ۽ هوٽلن تي ويهي شام جو چانهون پئيندا گڏوگڏ ڪم ڌنڌي ۽ بحث مباحثي جي ڪچهري ڪرڻ بدران رڳو اجائي يک پيا هڻندا رهن . انهن مان ڪو محنتي يا خفتي هوندو ته سڀن موجب اهو ته گهڻو ڏاهو پيو ٿئي .اهو ته وڏائي پيو ڪري وغيره وغيره. مطلب ته انهن کي پنهنجي ٽولي ۾ سڀ پاڻ جهڙا سست ئي گهرجن ٿا جيڪر ڪو محنتي يا پنهنجي قوم لاء جذبو رکندڙ آهي ته اهو ته ٿيو چريو ـ
جنهن قوم جا نوجوان ڇوڪرا ڪم کان نٽائين يا ڪاهلي ڏيکارين ته ان قوم جو وڏو الميو اهو هوندو آهي ته ان جي نوجوان طبقي ۾ ڪا جستجو ۽ ڪو جذبو ناهي. اهي رڳو محدود ذاتي مفادن سان ئي رهڻ ٿا چاهين. جڏهن اسين پنهنجي سستي کي مات ڏينداسين تڏهن ئي آزاد قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي جائز حقن کي حاصل ڪرڻ جي ويڙھ وڙهي سگهنداسين 
ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s