سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ـ ماهم سنڌي

Missing Persons of Sindhروزانه جڏهن ڪا سنڌي اخبار کڻي ان تي نظر ڦيرايان ٿي ته مين پيج ڇڏي ٻئين يا ٽئين صفحي تي، بنهه معمولي نوعيت جي خبر طور ڇپيل ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ بنا ڪنهن سُرخي جي ٻن سٽن تي پڙهڻ لاء ملي ٿي ته سنڌ ۾ قومپرست سياسي ڪارڪنن جون جبري گمشدگيون ٿي رهيون آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي . قومپرست جماعتن مان ڪنهن نه ڪنهن پارٽي جي سربراھ جو مذمتي بيان پڙهڻ لاء ملي ٿو، جنهن ۾ هو ميڊيا سامهون اچي مطالبو ڪري رهيو هوندو آهي ته ، جبري گمشدگين جي روڪٿام ڪري ڪارڪنن کي ڇڏيو وڃي ، يا وري ڪارڪن ۽ انهن جا دوست پريس ڪلبن اڳيان گڏجي پلي ڪارڊ ۽ پوسٽر کڻي احتجاج ڪري رهيا هوندا آهن، جنهن ۾ گم ٿيل نوجوانن جا مائٽ پڻ شامل هوندا آهن . ان ڳالھ کي معمولي سمجهي نا ڪو وڏو عملي قدم کنيو ويو آهي نه ئي جبر ۽ ڏاڍ سان گُم ڪيل ڪارڪنن بابت ڪو ڪيس يا ڪا ڪاروائي ٿي آهي . اها هڪ ننڍي خبر نه بلڪه انساني حقن جي خلاف ورزي جو اهم مسئلو آهي ، جنهن جي تحفظ لاء واڪا اسانجي رياست ڪندي ته رهي ٿي پر پاڻ انساني حق وڏي پيماني تي پائمال ڪري رهي آهي. جڏهن ڪنهن ڏوھ ۾ ڪو مجرم يا شڪي گرفتار ڪيو ويندو آهي ته ان مٿان ڪيس هلندو آهي، ان تي لڳايل الزام ثابت ڪرڻ لاء گواھ ۽ ثبوت پيش ڪيا ويندا آهن ، فريادي توڙي جوابدار ڌُر کي وڪيل ڪرڻ جو حق هوندو آهي ، پر هي اوچتو تشدد ڪري بندوق جي نوڪ تي گُم ڪيل ماڻهن بابت ڪا ڄاڻ ناهي ڏني ويندي . اوچتو ڪٿي گاڏي مان لاهي ، ڪنهن گهٽي بازار مان زوري گيهلي پڪڙي ، يا آڌي رات جو در کڙڪائي گهر مان کنڀي تشدد ڪندي اهي ماڻهو کنيو هليا وڃن ٿا ، جن کي اسان نامعلوم افراد به چئون ٿا. نا اهي پوليس وارا هجن ٿا نه ظاهري طور رينجرس ۽ ايف سي اهلڪارن جي وردي هجي ٿي ، پر خبر ناهي ڪهڙا ۽ ڪير ماڻهو جنهن لاء چيو وڃي ٿو اهي خفيه ايجنسين جا ماڻهو آهن ، اهي هڪ قسم جي اغوا جي واردات وانگر کڻي وڃي ڪنهن لڪل ٽارچر سيلن ۾ وجهي پنهنجي مرضي موجب غير انساني سلوڪ ڪن ٿا . انهن خفيه ايجنسين جا خفيه ماڻهو ڪو عزرائيل فرشتي وانگر ڪنهن به وقت اچي مٿان ڪڙڪندا آهن . جيڪر ڪو کنڀيل ڪارڪن واپس گهر اچي ٿو ته گهرڀاتين لاء معجزي مثل هجي ٿو ، ڇو جو ائين کنڀجڻ بعد ۽ عزرائيل جي چنبن ۾ وڃڻ بعد گهر وارن لاء باقي ڪوئي آسرو نٿو هجي ته چچريل لاش بدران ڪو اسان جو عزيز صحيح سلامت اسان وٽ زنده گهر پهچندو ـ
ڇوته سنڌ وڏي وقت کان سنڌين جا چچريل لاش وصول ڪندي پئي اچي. اسان ڪڏهن اهو به ويچار ڪريون ٿا ته اهي آخر ڇو ائين سنڌي قومپرستن سان لڳاپيل ئي ماڻهو کنڀيا وڃن ٿا ؟ هو ته ظاهري طور ڪنهن خون جي يا دهشتگردي جي واردات ۾ ملوث به ناهن هوندا . بلوچستان جي بلوچن جيان سنڌ ۾ سنڌين سان اهو ظلم آخر ڇو آهي جنهن کي ڪير ٻنجو ڏيڻ وارو ئي ڪونهي ؟ سڀ کان پهرين ته ڏسون کنڀي گم ڪيل ڪارڪن يا يونيورسٽين جا اهي شاگرد جيڪي غائب ٿا ڪيا وڃن انهن جي واتان سنڌوديش جو نالو ٻڌو وڃي ٿو ۽ رياستي ادارا اهو الزام ٿا لڳائين ته اهي ملڪ ٽوڙڻ پٺيان آهن . ڇوته سنڌ جي 70 کان 80 فيصد قدرتي ذخيرن تي گزارو ڪندڙ ۽ اتان جي ٽيڪس اوڳاڙي پنهنجي نفعي لاء استمعال ڪندڙ رياست ڪڏهن نه چاهيندي ته اتان جو اصلوڪا پنهنجو حق گهرڻ جي به همت ڪن . اسان ويجهي ماضي ۾ ئي ڏسون ته 1971ع ۾ اوڀر بنگال جيڪو هاڻي بنگلاديش آهي ، ان جي عليحدگي جو هڪ وڏو اکيون کوليندڙ مثال اسان جي قوم آڏو آهي . بنگالين جي سڀني حقن سميت انهن جي بنگالي ٻولي ۽ مذهب کي ئي پيرن هيٺيان ميسارجڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، انهن کي ظلم ذريعي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . نتيجي ۾ اهي هڪ وڏي قوت بڻجي قربانيون ڏئي ايترو اڳيان وڌي آيا جو اڄ بنگلاديش نه صرف آزاد آهي پر ان جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچڻ کان کُتو جواب ڏئي رهي آهي جيڪا شرم جوڳي ڳالھ آهي ، ته پوء بنگالين ۽ بلوچن وانگر ظاهر آهي ظلم جي ڪيل انتها خلاف پوء سنڌ واسي ڪئين ۽ ڪيستائين آخر چپ رهن ؟ هندوستان جي ٽٽڻ بعد به جڏهن سنڌ کي سُک جو ساھ نه کڻڻ ڏنو ويو ۽ پنجابي سامراجي قوتن اڳيان جهڪائي رکيو پئي ويو ته نيٺ 1972ع کان سائين جي ايم سيد پاڪستاني رياست ۽ اتان جي هڪ ڌُر بڻيل حڪمرانن کان مايوس ٿي سنڌوديش جي آزادي جا ڳالھ ڪئي ۽ ان پاڪستان جي وجود کي سنڌ جي سالميت لاء خطرو قرار ڏيندي سنڌوديش جو پلان جوڙيو . جنهن تي ڪتاب پڻ تحرير ڪري ان جا مقصد ۽ ضرورتون پڻ بيان ڪيائين . پر سنڌوديش جو خاڪو تڏهن جڙيو جڏهن سنڌ سان ڪيل ويڌن ۽ ان جا حق ڦٻائڻ جي انتها ٿئي وئي . سنڌ جي دل ڪراچي کي هٿرادو طور ڌارين سان ڀري انهن جي حوالي ڪيو ويو . سنڌ جي تيل گئس تي توڙي ٿر ۾ ملندڙ ڪوئلي جي ذخيرن تي پڻ سنڌ کي ڪو حق اڄ تائين ناهي ڏنو ويو . سنڌ اڄ کان پنجاھ سال اڳ جهڙي هئي ان کان وڌيڪ بدترين حالت ۾ پستي طرف وڌنڌي وئي . اگر ڪو آواز اٿاري ته چيو ويو ته غداري پيو ڪري ، پر اها غداري ته نه ٿي . پنهنجو جائز حق گهرڻ حقوق العباد جو حصو آهي . اڳ توڙي اڃا تائين سنڌ ۾ رهندڙ هندو سنڌي نياڻيون جيڪي 18 سالن جون به ناهن تن کي انتهاپسند مُلان زوري مسلمان بڻائي مسلمانن سان شاديون ڪرائي انهن کان هميشه لاء انهن جون نياڻيون کسي رهيا آهن . هندو سنڌين کي زوري لڏپلاڻ تي مجبور ڪري انهن جي جڳھ تي ڌارين پٺاڻن کي آباد ڪيو ويو ۽ انهن ڌارين اڄ ايڏا پير پختا ڪري ڇڏيا آهن جو دهشتگردي جون ڪاروايون ڪري سنڌ اندر امن کي ڇيهو رسائين پيا . جنهن سنڌو دريا بادشاھ تي سنڌ آباد آهي سان سنڌ اڪندي رهي . ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ سنڌين جي داخلا بند ڪئي وئي . سنڌ جي ٻولي سنڌي بدران اردو ڪئي وئي آهي . اسڪولن مان سنڌي ٻولي غير لازم ٿي وئي . سڄي دفتري لک پڙھ توڙي اسيمبلي جي فورم تي رڳو اردو ڳالهائي هتان جي قومي زبان کي ڇيهو رسايو ويو . جيڪي جٿان جا به ڌاريا آهن انهن کي سنڌ اندر آباد ڪيو ويو انهن لاء الڳ وسنديون ۽ الڳ روزگار اسڪيمون ٺاهي سنڌي قوم جي روزگار تي سڌي سنئي لت هنئي وئي . ڌارين ساڻ اهڙا انتهاپسند رهايا ويا آهن جيڪي فساد ۽ مذهبي انتهاپسندي ڦهلائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ، سنڌ جي امن کي ڳجهن جيان کائڻ لڳا . ان سڀ باجود جيڪر ڪوئي ڪُڇي ته اهو ڪافر سمجهيو پيو وڃي ۽ سائين جي ايم سيد جي حياتي ۾ توڙي اڄ حق گهرندڙ سنڌي ڪارڪن رياست جا وڏا ڏوهاري سمجهيا پيا وڃن ـ
ڪنهن به زميني خطي اندر آزادي جي سوچ کان وٺي ان جي تحريڪ جو جذبو ائين ئي بي بنياد پيدا ناهي ٿيندو . اگر نا انصافيون ۽ ظلم چوٽ نه چڙهن ها ته ڪٿي به ڪو انقلاب نه اچي ها . سائين جي ايم سيد جا عاشق ان جي ڏنل هدايتن تي جڏهن عمل پيرا ٿيڻ لڳا ته هر هنڌ هاء گهوڙا ٿي وئي ۽ اگر ڪو ٻيو سبب ۽ جرم انهن تي ثابت نه ٿيو ته انهن کي جبري طور گُم ڪرڻ جي روايت شروع ڪئي وئي . چوڻ لاء ته اسان وٽ انساني حقن جون تنظيمون ۽ ٻيا ادارا متحرڪ آهن پر سوين ڪارڪن جيڪي لاپتا آهن تن جي پوئيورارن جا هيڻا حال ڏسي لڳي ٿو اهي انصاف جو آسرو ئي لاهي ويٺا آهن . جن جي گهرن جا ڳڀرو نوجوان ائين اذيتن جي سلاخن پويان هجن، انهن جون ڪهڙيون عيدون ، ڪهڙيون شاديون ۽ ڪهڙا فنڪشن. سندن گهرن ۾ پنهنجن پيارن جي واپسي لاء رڳو قرآن خوانيون پيون ٿينديون رھنديون آهن . هن دفعي به عيدالفطر انهن پريس ڪلبن اڳيان ۽ روڊن رستن تي احتجاج ڪري انصاف گهرندي گزاري آهي . سنڌين سان ظلم جي حد ايستائين آهي جو پوئين سال 80 سالن جي جهوني قومي ڪارڪن استاد محمد راهمون کي اوچتو کنڀيو ويو ، جيڪو پيريءَ سبب هاڻي ايڏو سرگرم ڪارڪن به نه هيو . ان جهوني ڪارڪن جي کنڀجڻ بعد سندس نياڻي سنڌو روڊن رستن تي ويهي ان جي آزادي جا مطالبا ڪيا ۽ پوء نيٺ ان کي آزاد ڪيو ويو . اهو جهونو ڪارڪن ڪٿي ۽ ڪهڙي اذيتن مان گزري آيو هو اهو سڀ راز جي پردي ۾ لڪي ويو . سنڌ ۾ جسقم (جيئي سنڌ قومي محاذ) آريسر گروپ جا درجنن کان مٿي ڪارڪن اڄ ايجنسين جي ظلم واري گهاڻي ۾ پيڙهجن ۽ پيسجن پيا . 40 کان مٿي ٻين قومپرست جماعتن جا ڪارڪن گُم آهن جن بابت ڪا معلومات ناهي . سال اڳ 17 مارچ 2016ع ۾ جسقم ورڪر صحبت کوسو کنيو ويو هيو جنهن جي اڄ تائين ڪا خبر چار ناهي. بخش علي مغيري 3 مارچ 2017 ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ مان گم ڪيو ويو. اعجاز تنيو ۽ هدايت لوهار 17 اپريل تي نصيرآباد ضلعي قمبر شهدادڪوٽ تان کنيا ويا ، جڏهن ته ساڳي ئي تاريخ تي خادم آريجو وري حيدرباد مان لاپتا ٿيو . جسقم مرڪزي ڪاميٽي ميمبر صابر چانڊيو 25 اپريل تي دادو سيوهڻ روڊ تان جبري کنڀيو ويو ، جنهن جو پيءُ پٽ جي آزادي جي انتظار ڪندي وڃي قبر ۾ آرامي ٿيو ، سندس معصوم نياڻي مارئي چانڊيو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ان رياست کان پنهنجي بابا صابر چانڊيو جي آزدي گُهري رهي آهي . محمد ايوب ڪانڌڙو جيڪو پڻ جسقم مرڪزي ڪاميٽي جو حصو آهي اهو 27 اپريل تي خيرپورميرس مان گم ڪيو ويو ، سندس نياڻي مارئي ڪانڌڙو پنهنجي بابا جي واپسي لاء احتجاجن ۾ شريڪ ٿي ان جي واپسي جو مطالبو ڪري رهي آهي . جسقم ورڪر مرتضي جوڻيجو 7 مئي تي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي مان رياستي جبر جو شڪار ٿيو . رضا جروار ۽ شادي خان سومرو 24 مئي تي بدين مان کنيا ويا . انصاف دايو 29 مئي تي نصيرآباد ضلعي قمبر شهدادڪوٽ مان گم ڪيو ويو . جڏهن ته پهرين ئي جون تي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي مان مختيار عالماڻي کي رياستي ادارا نامعلوم هنڌ کڻي ويا آهن . ان کانسواء ٻيا ٻن درجن کان وڌيڪ سنڌ جي قومي تحريڪ جا ڪارڪن رياست جي چنبي ۾ آهن . جهڙوڪ سهيل رضا ڀٽي ، عرس هنگورو ، حيدر کوسو ، سرور آريسر، علي احمد ٻگهيو، عزيز گوريز ، اربيلو بهڻ ، خدابخش بهڻ ، امام بخش محمداڻي، سمي وسترو ، مير سڪندر چانڊيو، وقار چنا، فياض ڏاهري ، فرمان هنگورو ، سني ڪاڪيپوٽو ، عزيز مدثر ڪاڪيپوٽو، نديم سيال ، مجيب چولياڻي، نويد ميراڻي، الله وڌايو، التاش ٽالپر ، موهن مينگهواڙ ، عمران جوکيو، عامر وڌو، عرفان پيرزادو هوشو قمبراڻي ۽ اعزاز ڳاهو . اهي سڀ اهي سنڌي نوجوان آهن جن سنڌ جي حق جي ڳالھ ڪئي ۽ پنهنجي جائز آزادي لاء آواز اٿاريو ، نتيجي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندي انهن کي طاقت جي زور تي سلاخن پويان ڌڪيو ويو آهي ڏينهن رات جسماني ذهني تشدد جاري آهي . تازو ئي خبرن موجب ته دادو مان وڌيڪ چار ڪارڪن منير جمالي ، عزيز جمالي ، حبيب جمالي ۽ غلام رسول جمالي پڻ گم آهن .
مهينو اڳ سنڌ ۾ جبري گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاء هڪ تنظيم وائيس فور مسنگ پرنسنز آف سنڌ نالي جوڙي وئي. ان بعد وي ايم پي جي فورم هيٺ پريس ڪلب ڪراچي سامهون لاڳيتو ست ڏينهن ڌرڻو ڏئي بک هڙتال ڪئي وئي جيڪا پهرين جولائي تي پڄاڻي تي پهتي . ان ۾ وي ايم پي جو ڪنوينر پنهل ساريو، سول سوسائٽي جا ميمبر ، جبري طور کنڀيل ماڻهن جي وارثن ۽ انهن جو نياڻين سان گڏجي ست ڏينهن بُک هڙتال ڪئي . ان سان گڏ ست ئي ڏينهن لڳل ڌرڻي ۾ روز ڪي قومي اڳواڻ ، ڪي سماجي اڳواڻ شامل ٿيندا رهيا . مير عالم مري ، نياز ڪالاڻي، فوڪ ڊانسر شيما ڪرناڻي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شخصتيون شامل ٿي ساڳيو ئي مطالبو ورجائينديون رهيون . ڪراچي پريس ڪلب 7 ڏينهن سنڌ ۽ سنڌين جي آزادي جي نعرن سان گونجندي رهي ، پر اڃا دردن جي داستان پڄاڻي نه ٿي سگهي آهي . وڇڙي ويل گهرن جا وارث اڃا تائين پنهنجن عزيزن سان ناهن مليا . اڃا تائين انهن جي وارثن جو ننڊون ڦٽل آهن ۽ دعاگو آهن ته اسان جي گهر جا چراغ سلامتي سان گهر واپس پهچن . ان ڌرڻي ۾ جبري گم ٿيل ڪارڪنن جا عزيز توڙي قومپرست اڳواڻ شرڪت ڪري پنهنجو آواز اٿاريندا رهيا . جيڪا ڳالھ ميڊيا جي سامهون ته آئي پر ان جو کڙ تيل نه نڪتو ۽ گم ٿيل ماڻهن جي واپسي اڃا ناهي ٿي سگهي ـ
ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران 14 جون تي اقوام متحده جي انساني حق واري ڪائونسل جنيوا سامهون احتجاج ڪندي پڻ انهن گمشدگين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان سنجيده مسئلي کي اقوام متحده ۽ ٻين بين الاقوامي تنظيمن آڏو کڻڻ جو چيو ويو آهي . جنهن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر لاکو لوهانا ۽ هدايت ڀٽو شامل هيا . سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو ساليانو 33هون ڪنويشن ٿيو .جنهن ۾ 2 جولائي تي قرارداد پيش ڪري 14 نڪاتي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو .جنهن ۾ مکيه نڪتا اهي هئا ته سنڌ ۾ جبري گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي واپسي لاء سگهارو آواز کنيو وڃي . دهشتگردي جي روڪٿام ۽ زوري مذهب بدلائڻ واري پيل ڪُڌي روايت جي روڪٿام لاء قدم کنيا وڃن . گم ٿيل ڪارڪنن جي واپسي لاء غفلت جي ننڊ پيل سنڌ حڪومت کي جاڳائڻ لاء 5 جولائي تي سياسي سماجي ورڪرن ۽ انساني حقن جي تنظيم طرفان انهن زوري قيد ٿيلن جي آزادي لاء حيدرآباد پريس ڪلب کان ڪراچي پريس ڪلب تائين لانگ مارچ پڻ ڪيو پيو وڃي ـ
سنڌ حڪومت ۽ پاڪستاني رياست جي مجرماڻي خاموشي ڏسي ائين ٿو لڳي ته انهن کان مطالبو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي . اسان سنڌين کي هتان جي حڪمرانن کان مليل مايوسي سبب هاڻي اسان اها ذميواري بين الاقوامي تنظيمن اقوام متحده، هيومن رائٽس واچ، ايمنسٽي انٽرنيشنل، سنڌي ايسوسيئشن آف نورٿ آمريڪا، ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي سونپيون ٿا ته اهي رياست سان لھ وچڙ ڪري ان تي دٻاءُ وجهي ان ظلم کي روڪين ۽ انساني حقن جي تحفظ کي سنڌ اندر يقيني بڻائين . جئين قومي ڪارڪنن جو بنا سبب جي گمشدگيون ۽ انهن تي تشدد جو سلسلو بند ٿئي
ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s