سنڌي ڪلچر جي توهين ۽ سنڌي قوم جو رد عمل ـ دلشاد ڀٽو سينئر

Sindh Cultureتاريخ انسان جي شعوري سرگرمين جو رڪارڊ آهي . هزارها سالن ۾ انسان جيڪي سرگرميون ڪندو آيو آهي اهي تاريخي رڪارڊ جي شڪل ۾ جمع ٿينديون آيون آهن . قوم جيئن ته ڪنهن مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ انسانن تي مشتمل هوندي آهي، انڪري ڪلچر يا ثقافت به قوم جي هزاها سالن سرگمين مان جڙي راس ٿيندڙ هڪ جزو آهي جيڪو قوم جي مخصوص نفسياتي بيهڪ جي عڪاسي ڪري ٿو ـ
سنڌ جي قابل احترام دانشور سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب سنڌي ڪلچر ۾ قومي ڪلچر جي هن ريت وضاحت ڪئي آهي . ” هر قوم کي هزان ورهن جي تجربي ، تاريخي روايات ، ملڪي ماحول وغيره ڪري ڪي بنيادي ورثا ميراث ۾ ملن ٿا . جن جي حفاظت ۽ ترقي هو پنهنجو مکيه فرض سمجھي ٿي ، جن مان مکيه ورثا آهن پنهنجي وطن ۾ آزادنه زندگي بسر ڪرڻ جو حق ، قومي زبان ، قومي ڪلچر ۽ قومي اقتصادي مفاد .“ ـ
مارڪسي فلسفي جي ماهر ۽ ڄاڻو ڪامريڊ اسٽالن پنهنجي جڳ مشهور لکڻئ مارڪسزم ۽ قومي سوال ۾ قومي تشڪيل جي پنجن جزن تي بحث ڪندي ڪلچر جي هن ريت وضاحت ڪئي آهي . ” قومي تشڪيل جو ذڪر ڪرڻ وقت هڪ قوم جي وچ ۾ مخصوص روحاني ميلاپ کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي جيڪو قومي ڪلچر جي شڪل ۾ پنهنجو اظهار ڪري ٿو . جيتو ڻيڪ آمريڪا . برطانيه ۽ آئرلينڊ ۾ هڪڙي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي پر پوءَ به اهي هڪ قوم انڪري نٿا ٿي سگهن جو انهن جو نفساتي بيهڪ ( ڪلچر) هڪ جهڙو ناهي ڪنهن به قوم جي نفسياتي جوڙ جڪ نسل در نسل جڙندڙ روايتن مان ٿيندي آهي جيڪي ان کي الڳ سڃاڻپ ۽ الڳ حيثيت ڏيندا آهن . نفسياتي جوڙجڪ (ڪلچر) قوم جي تشڪيل ۾ قومي جز جي حيثيت رکي ٿو جنهنکي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . اهو درست آهي ته ڪلچر ڪا بيٺل يا مطلق شئ ناهي پر تبديل ٿينڊڙ وقت ۽ حالتن سان گڏ ڪلچر به تبديل ٿيندو رهندو آهي. پر جيستائين قومي ڪلچر ماحول اندر پنهجوالڳ وجود رکي ٿو ان وقت تائين ان جو انڪار ڪري نٿو سگهجي ڇو ته ڪلچر ۽ ٻيا قومي جزا قوم تي پنهجو گهرو اثر ڇڏيندا آهن . (ڪامريڊ اسٽالن) “ ـ
ڪامريڊ اسٽالن جا اهي لفظ ته ڪلچر مطلق يا بيٺل شئ ناهي پر وقت ۽ حالتن سان گڏ تبديل ٿيندو رهندو آهي پر جيستائين قومي ڪلچروجود رکي ٿو ان جو انڪار ڪري نٿو سگهجي . انهن لفظن کي محترم جي ايم سيد پنهجي ڪتاب سنڌي ڪلچر ۾ هن ريت واضح ڪيو آهي . ” جهڙي ريت ساري انسان ذات هڪ جنس آهي پر سڃاڻپ لاء قومن ۾ ورهايل آهي . اهڙي طرح آخرڪار جملي انسان ذات جو ڪلچر به هڪ ٿيڻو آهي . ليڪن هر ملڪ ۽ قوم وٽ هزارن ورهن جي تجربي ، معلومات ۽ باهمي ميلاپ بعد جيڪو ڪلچر سرجي ۽ پرورش پائي خاص صورت وٺي ٿو اهو سندن قومي ورثو بڻجي پوي ٿو ، جنهن کي هو قيمتي ذخيرو سمجهي محفوظ رکندا آهن . اڳتي هلي جڏهن مختلف قومن جي ڪلچر مان انسان ذات جو هڪ گڏيل ڪلچر جڙندو ان وقت به ان ۾ صلاحيت وارو ڪلچر تاڃي پيٽي جو ڪم ڏيندو ۽ نا موزون ڪلچر ڦٽو ڪيو ويندو ( جي ايم سيد ) “ ـ
مختلف قومن جو ڪلچر ملي انسان ذات جو هڪ مشترڪه ڪلچر جوڙيندا اها هڪ اهڙي سائنس آهي جنهن کي تبديل ڪري نٿو سگهجي. پر جستائين دنيا اندر هڪ مشترڪه ڪلچر جي تشڪيل ٿي ان وقت تائين سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ اسٽالن جي چوڻ موجب قومن جو وجود هڪ ناقبل ترديد سچائي آهي ۽ جيستائين قومون وجود رکن ٿيون ان وقت تائين قومي ڪلچر انهن تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ قومون پنهنجي قومي ورثي جي ڪنهن انمول خزاني وانگر حفاظت ڪن ٿيون . قومن جي وجود ۽ ڪلچر کان انڪار ڪرڻ پوري انساني تاريخ جي عمل کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي . اهو درست آهي ته سماج جي ارتقا سان ڪلچر ۾ تبديليون اينديون آهن پر اهي تبديليون ثقافت جي صرف انهن قدرن ۾ اينديون آهن جيڪي مدي خارج ۽ فرسوده هوندا آهن انهن قدرن کي سماج پاڻ ئي رد ڪري ڇڏيندو آهي . جهڙوڪ ڪارڪاري ، نسلي برتري ، پئسي ۽ حيثيت جي بنياد تي انسان جي انسان مٿان برتري ، انهن قدرن کي رد ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهڻ يا شاهد مسعود وانگر ٽي وي تي اچي بڪواس ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي . قومن جي ڪلچر جا اهي پهلو جيڪي صحتمند ۽ سگهارا هوندا آهن اهي سماجي تبديلي يا پئداواري اوزارن جي ترقي سا ن نه تبديل ٿيدا آهن ۽ نه ختم ٿيندا آهن پرارتقا جي هر عمل ۾ پنهنجي اهميت ۽ افاديت مڃرائي پاڻ کي زنده رکندا ايندا آهن . مثال طور اجرڪ جا چٽ موهن جي دڙي کان ملن ٿا پر اجرڪ 7000 سالن جي ان طويل عرصي ۾ ختم ٿيڻ بجاءِ پاڻ کي هر دور ۾ زنده رکندو۽ سنڌي ثقافت جي اڻمٽ اهڃاڻ طوربرقرار رکندو آيو آهي . ساڳي ريت سنڌ جي ثقافت جون ٻيون صحتمند شيون جهڙوڪ ٽڪ جون رليون ، سنڌي ٽوپي ، ڪاڇئ ۽ جنڊئ جو فن سنڌي ثقافت جا اهڙا صحتمند بنياد آهن جيڪي نه صرف هزارن سالن کان پاڻ کي زنده رکندا آيا آهن پرسنڌي ڪلچر جون اهي شيون ايتريون طاقتور آهن جي دنيا تي اثر اندازٿي بين الاقوامي مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪري رهيون آهن . سائين جي ايم سيد جي لفظن ۾ اهي شيون سنڌي ثقافت جي صلاحيت رکنڙ انهن اهڃاڻن مان آهن جيڪي اڳتي هلي انسان ذات جي گڏيل ڪلچر جوڙڻ واري تاڃي پيٽي ۾ ڪم ڏينديون ـ
اتي اها ڳالهه ياد رکڻ کپي ته جڏهن به حڪمران قوتون ٻين قومن تي قبضو ڪنديون آهن ته پهرين مرحلي ۾ انهن جي پئداواري وسيلن تي قبضو ڪنديون آهن ۽ ٻي مرحلي ۾ مقامي ماڻهن کي نيچ ۽ پاڻ کي برتر ثابت ڪرڻ لاءِ انهن خلاف نفسياتي جنگ جي شروعات ڪنديون آهن ۽ نفسياتي جنگ جي شروعات ۾ تابع قوم جي ڪلچر کي ڪمتر ۽ حاڪم قوم جي ڪلچر کي برتر ڪري پيش ڪيو ويندو آهي . جڏهن ارغونن ۽ مغلن سنڌ تي قبضو ڪيو ته فارسئ کي سرڪاري زبان بڻايو ۽ سنڌي ٻولئ کي ڪمتر ۽ عام رعيت جي ٻولي قرار ڏئي نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو . سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ثقافت کان متنفر ڪرڻ لاءِ درٻاري شاعرن کان سرو جي وڻ ۽ گل لاله جي تعريف ڪرائي وئي . جيئن سنڌي ماڻهون پنهنجي ڪلچر پنهنجي زمين جي شين کي ڇڏي حڪمرانن جي ڌرتئ تي موجود شين کي برتر سمجهي ان کان متاثر ٿين ۽ نفسياتي طرح حاڪمن جي رعب ۾ اچي انهن جي تابع ٿي وڃن . هن وقت پنجابي شائونسٽن طرفان سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي ڪلچر خلاف شروع ڪيل زهر انگيز مهم به ان نفسياتي جنگ جي ڪڙي آهي . سنڌين جي خلاف ان نفسياتي ويڙهه ۾ صرف شاهد مسعود ۽ جيو چينل جا اهلڪار شامل ناهن پر پنجاب جو هر شائونسٽ شامل آهي . ڪجهه وقت اڳ اسلام آباد يونيورسٽئ ۾ سنڌي شاگردن تي پنجابي شائونسٽن ان وقت حملو ڪيو هو جڏهن اهي اجرڪ ٽوپئ پائي هو جمالو تي رقص ڪري رهيا هئا . . پنجابي شائونسٽ اهو چاهن ٿا ته اسان جڏهن سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نڪرون ته پنهنجون ٽوپيون لاهي لڪائي ڇڏيون ڇو ته پنجابن کي اسانجي ٽوپي نٿي وڻي سنڌي ٽوپي اجرڪ ڏسي انهن جي اکين ۾ نفرت ڀرجي اچي ٿي . نفرت جو هي اظهار صرف سنڌي ٽوپي اجرڪ خلاف نه پرپوري سنڌي قوم خلاف آهي .اسلام آباد يونورسٽئ جي واقعي تي رد عمل ظاهر ڪرڻ بجاء ان کي نظر انداز ڪيو ويو جنهجو نتيجو اهو نڪتو جو شاهد مسعود جهڙن تعصب پرستن کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ڪلچر تي حملو ڪرڻ۽ سنڌي ٽوپئ جي تذليل ڪرڻ جو موقعو مليو  ـ
جڏهن به سنڌ جي ڪلچر تي حڪمران قوتن حملا ڪيا آهن ۽ جڏهن به سنڌ اندر نفسياتي جنگ جي شروعات ٿي آهي ته سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ان نفسياتي جنگ ۾ پنهنجي ڪلچر جي تحفظ لاءِ حڪمران قوتن سان مهاڏو اٽڪايو آهي . مغل دور ۾ جڏهن فارسي ٻولئ جو عروج هو جڏهن لئي لاڻي ڪرڙ ڪانديري کي ڪمتر ۽ سرو جي وڻ ۽ گل لاله کي برتر ڪري پيش ڪيو ويندو هو ، ان وقت سنڌ جي عظيم مفڪر ۽ شاعر شاه لطيف سرو جي وڻ بجاءِ سنڌ جي سرزمين تي ڦٽندڙ ڪانهن ، ڪاني ۽ ڪنڊي جي وڻ کي ايترو خوبصورت ڪري پيش ڪيو جو ٻڌندڙ جي ذهن ۾ پنهجي ڌرتي ۽ اتي ڦتندڙ هر شئ سان اٿاهه محبت اڀري اچي . شاه لطيف جي شاعري ڀٽ ، ڀان ۽ مڱڻا جهر جهنگ ڳائي عوام تائين پهچائيندا هئا . ان وقت عوام تائين پهچڻ جو ذريعوصرف ڀٽ ۽ ڀان هيا ، پر اڄ جي جديد دور ۾ جڏهن پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا موجود آهي عوام تائين ميسيج پهچائڻ جو ڪم ميڊيا بهتر انداز ۾ ڪري سگهي ٿي ۽ ڪري رهي آهي . هن وقت سنڌي ڪلچر تي ٿيندڙ حملي خلاف سنڌي ميڊيا جنهن انداز ۾ پنهنجو رول ادا ڪري رهي آهي اهو قابل تحسين آهي . ميڊيا هن وقت انڊسٽرئ جو درجو حاصل ڪري رهي آهي ۽ جڏهن سرمائي جي اوسر ۾ انڊسٽري جنم وٺندي آهي ته اها قومي سرمائيدار کي جنم ڏيندي آهي . دنيا اندر قومي سرمائيدار قومي مسئلن تي هميشه ڄمي ويڙهه ڪئي آهي. هن وقت محترم علي قاضي جيڪو رول ادا ڪري رهيو آهي اهو قومي سرمائيدار جو خاصو آهي . قومي سرمائيدار جو رول ايترو ترقي پسند رهيو آهي جو سوشلسٽ قوتن قومي سرمائيدار جي ترقي پسند رول سبب ان کي قومي جهموري انقلاب جي اتحادي قوت قرار ڏنو آهي . قومي انقلاب ۽ قومي جهموري انقلاب ٻئي قومي آزادئ جا انقلاب ٿيندا آهن فرق صرف اهو آهي ته قومي جهموري انقلاب ۾ قومي سرمائيدار اتحادي قوت هوندو آهي ۽ قومي انقلاب ۾ اهوهراول يعني اڳواڻئ وارو رول ادا ڪندو آهي ـ
نه ڪنهن قوم جي ثقافت ڪمتر ٿيندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن قوم جي ثقافت برتر ٿيندي آهي جيئن سڀ انسان برابر آهن تيئن سڀ قومي ثقافتون قابل احترام آهن . حڪمران قوتن طرفان پنهنجي ثقافت کي برتر ۽ ٻين جي ثقافت کي ڪمتر ڪري پيش ڪرڻ وارو لاڙو جديد فلسفي ۾ شائونزم جي نالي سان سڏيو ويو آهي ۽ شائونسٽ قوتون ڪڏهن به ترقي پسند نه ٿينديون آهن ۽ نه ئي اهي مشترڪه ثقافت جي تخليق يا سماج جي ارتقائي عمل ۾ رول ادا ڪرڻ جي اهل هونديون آهن . اهو ياد رکڻ کپي ته ترقي پسند قوتون ڪڏهن به ڪلچر جي صحتمند جزن تي وار نه ڪنديون آهن پر اهي فرسوده ۽ مدي خارج شين جي مخالفت ڪنديون آهن . شائونزم تاريخ جو اهو فرسوده رجحان آهي جيڪو هزارن سالن کان حڪمران قوتون هٿيار طور استعمال ڪنديون آيون آهن ۽ اهو رجحان هاڻي تاريخ جي ارتقائي عمل سان گڌ زوال پذير ۽ فنا ڏي مائل آهي جيڪي قوتون ان رجحان جو ساٿ ڏينديون اهي ارتقا جي عمل ۾ پوئتي رهجي وينديون ۽ جيڪي قوتون شائونزم خلاف سنڌ جي ڪلچرل ويڙهه ۾ گڏ هلنديون اهي سگهاريون ٿينديون ۽ اڳتي وڌنديون . سنڌ جي هن ڪلچرل ويڙهه کان لنوائڻ يا ڪوتاهي ڪرڻ شاه لطيف کان وٺي هن مهل تائين حڪمران قوتن خلاف ٿيندڙ پوري ڪلچرل ويڙهه جي نفي ڪرڻ جي برابر آهي ـ
اقتصادي مفاد ۽ پئداواري وسيلا قومي وجود جو بنياد هوندا آهن ،جڏهن ته ٻولي ۽ ڪلچر قومي شعور جو بنياد هوندا آهن . پئداواري وسيلن جي ڦرلٽ ۽ جاگرافيائي حدن جي والار صرف انهن ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندي آهي جيڪي شعور جي ان سطح تي پهتل هوندا آهن جتي تضاد کي سمجهي سگهڻ جي انهن ۾ سگه هجي. انڪري عام ماڻهون انهن تضادن کان يا ته گهٽ متاثرٿيندو آهي يا دير سان متاثر ٿيندو آهي . جڏهن ته ٻولي ۽ ڪلچر اهڙو شيون آهن جنهن سان هر ماڻهونءَ جو واسطو ڄمڻ سان ئي پوندو آهي ڇو ته ڄمڻ سان ئي هر ٻار کي پهرين پنهنجي ٻولي سمجهه ۾ ايندي آهي پوءِ ان جو واسطو پنهنجي ڪلچر سان پوندو آهي . انڪري جڏهن ڪنهن به قوم جي ٻولي ۽ ڪلچر تي وار ٿيندو آهي ته عام ماڻهون ته ڇا هڪ ٻار به ان کا متاثر ٿيندو آهي . پنجابي شائونسٽن سنڌي ڪلچر تي وار ڪري پوري قوم کي آزاريو آهي . جڏهن قومون اٿي کڙيون ٿينديون آهن ته تاريخ جا رخ مٽجي ويندا آهن ڪامريڊ لينن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا حاد ثا ڇلانگي تبديلئ جو سبب بڻجي ويندا آهن بشرط ڪو اڳواڻي ڪرڻ وارو هجي ـ
دنيا جا حڪمران جڏهن ڪنهن ٻي ملڪ جي دوري تي ويندا آهن ته پنهنجي قومي ڊريس لاهي گهر نه رکي ايندا آهن پر پنهنجي قومي ڊريس پائي عالمي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندا آهن. سعودئ جو شاه هجي يا ايرن جو صدر ، حامد ڪرزئي هجي يا آمريڪي صدر سڀ پنهنجي قومي ڊريس پائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. دنيا جي انقلابي اڳواڻن پنهنجي ثقافت کي ڪڏهن به رد نه ڪيو آهي ڪامريڊ لينن هجي يا ڪامريڊ مائو ، جواهر لال نهرو هجي يا ڪرنل قذافي انهن جي مٿي تي پاتل ثقافتي ٽوپيون انهن جو اهڃاڻ رهيون آهن . شاهد مسعود ۽ جيو ٽيم صرف سنڌ جي ثقافت جي نه پر دنيا جي سمورن ثقافتن جي توهين ڪئي آهي ـ
شآهد مسعود سنڌي ٽوپئ تي طنز ڪري صرف ڪنهن هڪ فرد تي وار نه ڪيو آهي پراهو پروگرام نشر ڪري جيو جي پروگرام ڊائريڪٽر ۽ جيو جي مالڪ پوري سنڌ قوم جي تضحيڪ ڪئي آهي . 1998 جي آدم شماري موجب سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ ڏيکاريل آهي جيڪا هاڻي وڌي 5 ڪروڙ ٿي چڪي آهي اها توهين 5 ڪروڙ سنڌين جي اجتمائي توهين آهي . دنيا جي هر ملڪ جي قانون ۾ هر ماڻهونءَ جي عزت نفس کي تحفظ مليل آهي ڪنهن جي به عزت نفس مجروح ڪرڻ جو ٻي کي حق ڏنل ناهي . شاهد مسعود ۽ جيو ٽيم 5 ڪروڙ سنڌين جي عزت نفس تي حملو ڪيو آهي انڪري شاهد مسعود سميت پوري جيو ٽيم تي 5 ڪروڙ سنڌين جي هتڪ ڪرڻ جي جرم ۾ هتڪ عزت جو ڪيس هلايو وڃي ۽ جيو ٽي وي جو لائسنس ڪينسل ڪري جيو چينل بند ڪيو وڃي . عدالت سنڌين جي ٿيندڙان اجتمائي توهين جو ازخود نوٽيس وٺي ۽ ڪيس هلائي ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s