جونيئر ذوالفقار جي وڊيو مان غلط تاثر نه وٺڻ گهرجي ـ ماهم سنڌي

Zulifiqar Ali Bhuttoتازو ئي يوٽيوب تي وائرل ٿيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي ۽ مير مرتضي ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽي جي آيل وڊيو وائرل ٿي وئي آهي . جنهن ۾ هو پاڻ کي ڏکڻ ايشيا جو لبناني آرٽسٽ ڄاڻائي ٿو . ان عورتاڻو لباس پائي مرداڻي سماج ۽ ان جي غرور کي للڪار ڏني آهي . تنقيد جي سئي مان گزرندڙ ان جي وڊيو هر قسم جي انتهاپسندي تي جائز ٺٺول آهي ، جنهن ۾ هو مذهبي ٺيڪيدارن ، سياسي سماجي اسٽيروٽائپ کي سر عام پنهنجي زندگي مان ڌڪاري ٿو ـ
اها ڳالھ ته بلڪل درست آهي ته ڪنهن به طبقي سان لڳاپيل ڇو نه هجي ، پر مرد ذات پنهنجي ڏاڍائي قائم رکندي پئي اچي . مردن کي پنهنجي جسماني طاقت تي پڻ وڏو غرور هجي ٿو ته هو عورتن کان ڏاڍا ۽ وڌيڪ سگهارا آهن . اها ئي سوچ جڏهن پروان چڙهي جاهل ذهنن ۾ پرورش پائي ٿي ته پوء نتيجي ۾ ڪٿي غيرت تي خون ٿا ٿين ، ڪٿي پنهنجي طاقت جي زور تي معصوم ٻارڙين سان ريپ ٿا ٿين، ڪٿي انهن جا زوري مذهب ٿا بدلايا وڃن ۽ ڪٿي اغوا ڪري بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو . پر ان سڀ جي باوجود مرد ۽ عورت پنهنجي الڳ حيثيت رکن ٿا . اگر سڀ مرد عورتون ٿي وڃن ، يا کڻي سڀ عورتون مرد ٿي وڃن ته انسانيت جي بقا ئي مشڪل ٿي پوندي ـ
ان وڊيو جي اچڻ بعد مون سوشل ميڊيا تي ڪجھ تصويرون ڏٺيون ، جنهن ۾ هڪ مرد جيڪو تقريباً 40 سال يا ان کان مٿي جو هوندو ، هو ظاهر ڪري رهيو هيو ته مان جونيئر ذوالفقار جي حمايت ڪريان پيو ، ان جي مٿي تي سائو رئو پاتل هيو، گڏوگڏ سُئي سان سلائي ڪري ڪپڙي تي گُل پڻ چٽي رهيو هيو . اتي هڪدم مان سوچڻ لڳس ته ان وڊيو بعد شروع ٿيل بحث مان به اسان ڪٿي غلط راھ تي نه پيا وڃون ؟ ڇا اسانجي توهانجي گهر جا سڀ مرد مٿي تي پوتيون رکندا يا ڪنن ۾ والا وجهندا، يا ڳاڙهي لپ اسٽڪ لڳائيندا ته ڇا ٺهڪندو انهن کي اهو سڀ ڪجھ ؟
اسانجي توڙي انسانيت جي سماج ۾ عورت مرد الڳ مقام رکن ٿا . ٻئي عزت ۽ احترام جا لائق آهن . عورت فطرتي طور نرم نازڪ ۽ حساس صنف آهي ان جي ڀيٽ ۾ مرد وڌيڪ سگهارو آهي . پر ان لاء سگهارو ناهي تو هو پنهنجي زور آزمائي عورتن تي ڪري ، هو سگهارو ان لاء ٺاهيو ويو آهي ته جٿي عورتن کي ضرورت پوي يا هو ڪمزور ٿي پون ته مرد ان جو سهارو بڻجي سگهن ـ
اسان جا سياسي ، مذهبي ، سماجي حلقا جٿي ڪٿي مرد جي بادشاهت قائم آهي ته اسانکي ان وڊيو مان مثبت سبق سکي عورتن مردن جي برابري بابت قدم کڻڻ گهرجن ، جئين ڪا غيرت نالي نه ڪسجي وڃي، جئين ڪا زوري پرڻائي نه وڃي ، جئين ڪنهن جو حق ضبط نه ٿئي، ڪنهنجي آزادي قيد ۾ نه تبديل ٿئي، ڪنهن تي گهريلو تشدد نه ٿئي، ڪا ٻاهر جي ماحول ۾ هيراسمينٽ جو شڪار نه ٿئي  ـ
ذوالفقار ڀٽو ته هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان هڪ پيغام ڏنو آهي ، ۽ ان ڊانس به نازيه حسن جي گاني “ ڊسڪو ديواني “ تي ڪئي جنهن تي ان وقت ۾ تمام گهڻي تنقيد ٿي هئي ، جيڪا اڄ تائين ٻڌڻ لاء ملي ٿي ـ
اهو ضروري ڪونهي ته سڀئي مرد جونيئر ذوالفقار مان متاثر ٿي يا ان جي وڊيو مان منفي اثر وٺندي مٿن تي پوتيون رکن ، ڪنن ۾ والا وجهن ۽ هٿن ۾ رنگ برنگي چوڙيون پائي ، سڀ جا سڀ چوويھ ڪلاڪ پيا ماءُ ڀيڻن جي اڳيان رقص ڪن ۽ چون ته اسان جونيئر ذوالفقار ڀٽي جا حامي آهيون ۽ ان سان متفق آهيون . اگر توهان ايترا ئي ان وڊيو جا حمايتي آهيو ته انتهاپسندي کي پنهنجي وجود مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو . هر ماڻهو ناچ ڀلي نه ڪري سگهي ، پر هر مرد عورت جي مان شان جي حفاظت ته ڪري سگهي ٿو ـ
جونيئر ذوالفقار ته پنهنجو گهر تباھ ٿيندي ۽ پنهنجن عزيزن جا خون ٿيندي ، دهشتگردي جو شڪار ٿيندي پنهنجو خاندان ڏٺو آهي جنهن ڪري ان جي سياست تان دل کڄي وئي آهي ۽ ان پنهنجو سڪون وڃي ڪنهن ٻي هنڌ ڳوليو آهي جٿي تصور ۽ نظريا ئي ٻيا آهن . اهڙا نظريا جيڪي پاڪستان اندر ڏوھ ٿا تصور ڪيا وڃن، ان لاء ڪفر جون ۽ غداري جون فتوائون ٿيون ڏنيون وڃن . پر هو هڪ آرٽسٽ آهي ۽ ان جي ڊانس ڪيوئر پرفارمنس جو حصو هئي ـ
ان مان غلط سبق وٺڻ بجاء اهو سبق وٺڻ گهرجي ته ، جيڪڏهن مرد آهيو ته ان جي غرور ۾ ايڏا نه اچو جو عورتن جا حق ئي لتاڙي وڃو . بلڪه انهن کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو ، ڇو ته اها ئي ڪنن ۾ والا پاتل ، هٿن ۾ چوڙيون پاتل ، نڪ ۾ ڪوڪو وڌل ۽ سرخي لڳائي هلندڙ ڇوڪري ئي هئي ، جيڪا اڄ اوهانجي ماءُ آهي ۽ سڀاڻي اوهاني ڌيءَ هوندي ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s