نام نهاد مردانگي کي جنجهوڙيندڙ ست منٽ ـ دودو چانڊيو

Junior Zulfiqar Ali Bhutto ”دل جا درياءَ سمنڊن کان به اونهان هوندا آهن، ڪنهن جي وس ۾ آهي، جو انهن دلين جي اندر پيل راز معلوم ڪري سگهي.“ هيءُ ترجمو سلطان باهو جي ان شعر جو آهي ته: دل درياءَ سمندرون ڊونگي، ڪوڻ دلان ديان جاڻي! لاڙڪاڻي ۽ بيروت جي مٽي مان ڳوهيل ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي تازو وڊيو سنڌ اندر ڪوڙي مردانگي، رجعت پرستي ۽ دقيانوسي سوچن جي سمنڊ ۾ ڄڻ ڪو طوفان آڻي ڇڏيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي هن پوٽي کي به شايد سنڌ جي ماڻهن سياسي ميدان تي ڏسڻ ٿي چاهيو، يا پيءُ وانگر سندس هٿ ۾ بندوق ٿي ڏسڻ چاهي، تنهن ڪري هن جي هٿ ۾ پئنٽنگ جو برش، سندس جسم تي شڪار واري ڪوٽي بدران عورتاڻي پوتي، هن جي آواز ۾ ذوالفقار علي ڀٽي واري گجگوڙ بدران نفاست واري ”هاءِ“ نه وڻي، ان ڪري سنڌ ۾ اڪثريت ڄڻ سڪتي ۾ آهي. سماجي ويب سائيٽن کي ماتمي ڪپڙا پاتل آهن، هر اسٽيٽس جي اک ۾ ڳوڙهو آهي، ڪي سياسي ڪارڪن ان کي اسٽيبلشمينٽ جو ڀٽي خاندان کان پلاند پيا قرار ڏين، (حالانڪه ڀٽي خاندان ۽ پ پ پ کان پلاند زرداريءَ جي شڪل ۾ ورتو ويو آهي.) ڪي وري ذوالفقار جونئير جي ان عمل کي خوف ۽ حياتي بچائڻ جي سانچي ۾ پيا ماپين. ڪي چون ٿا ته سياسي ۽ خانداني اڪيلائي ماڻهو کي مختلف ڪيفيتن ۽ اڪيلائين ۾ وٺي ويندي آهي. انگريزن ۾ ان کي ”ايڊجسٽمينٽ پرابلم“ چئي نفسياتي ماهر راءِ قائم ڪندا آهن. ڪي ان کي فرائيڊ جي فارمولي ۾ ٿا ڳڻين، ڪي وري ان کي سچل، سامي ۽ قلندر جي راهه پيا قرار ڏين. هڪڙا حد کان وڌيڪ خوش ۽ ٻيا وري حد کان وڌيڪ ڪاوڙيل نظر پيا اچن، جيڪي چون ٿا ته، ”هاءِ گهوڙا ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي وارث کي هي ڇا ٿي ويو آهي؟“ ـ
ڪي وري چون پيا هي ذوالفقار علي ڀٽي جو نئون روپ ۽ نئون جنم آهي. آئون ان ڳالهه ۾ يقين نٿو رکان ته ذوالفقار جونئير ڇاڪاڻ ته ڇوڪرو آهي، ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽي جو هو سياسي وارث آهي. اها سوچ به مرداڻي سماج جي سوچ آهي. پهرين ڳالهه ته سياست ۾ ڪا به خانداني وراثت ٿيندي ئي ناهي. سياست هڪڙي سماجي سائنس آهي، جيڪو ان کي صحيح معنيٰ ۾ ڪري، اهو ئي وارث آهي. هو پُٽ آهي، ان ڪري ان جو وارث آهي ته اها به مدي خارج وڏيرڪي سماج جي سوچ آهي. جيڪڏهن ڌيءَ قابل، اهل آهي ته ڇا اها وارث نٿي ٿي سگهي؟ هر انسان کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي زندگي ڪيئن ٿو گذاري، ڪهڙي راهه ٿو وٺي، اهو هر انسان جو هڪڙو بنيادي انساني حق آهي. هو وڪيل ٿو ٿئي، سياستدان ٿو ٿئي، صحافي ٿو ٿئي، راڳي ٿو ٿئي، اها سندس مرضي آهي، اسان پنهنجون خواهشون ڪنهن تي نٿا مڙهي سگهون. ذوالفقار جونئير ان ڪري سياستدان بڻجي وڏي گاڏي ۾ چڙهي وڏيون مڇون رکي، گلا کولي ڌاٻا ڏئي هلي، ڇاڪاڻ جو اهو ذوالفقار علي ڀٽي جو پوٽو، مرتضيٰ ڀٽي جو پٽ ۽ بينظير جو ڀائٽيو آهي؟ اها سوچ ئي غلط آهي. اسان جا وڏا وڏا سٺا ماڻهو به اهو پيا سوچين، مون کي انهن تي حيرت آهي. دنيا جو اصول آهي ۽ تاريخ گواهه آهي ته دنيا اندر کوڙ وڏي ۾ وڏا ماڻهو به پنهنجي دور جي ڪيترين ئي پست سوچن جي دائري ۾ قيد رهيا. ارسطو جهڙا ماڻهو به عورتن ۽ غلامن جي غلامي جي حمايت ۾ وڪالت ڪندا رهيا ـ
سماجن ۾ جن ماڻهن رجعت پرست سوچن جي بغاوت ڪئي، يا سماج کان هٽي ڪري سوچيو، اهي گهاڻن ۾ پيڙهجي ويا، سورين تي چڙهي ويا، يا پنهنجي سماجن مان تڙجي جلاوطن ٿيا. ڏک ڏاکڙا ڏسي، منزلون طئي ڪري زمين جي مختلف علائقن ۾ وڃي رهيا. مرڻ مري ويا، پر پوئتي پيل سوچن انهن کي سک سان جيئڻ ڪو نه ڏنو. ميران ٻائي ڪشمير جي راجا جي نُهن وٽ تاج تخت، نوڪر چاڪر، ٻانهيون هيون، اها سونن چمچن ۾ پئي کائي، پر جڏهن هن سمجهيو ته سندس دل جي دنيا ۾ ڪجهه ٻيو آباد آهي ته هن ڇا ڪيو، جيڪو دنيا ڏٺو. ڪشمير سميت هندستاني راجائن جي هزارين نُهن، راڻين، ڌيئرن جو ڪنهن کي نالو به ياد ناهي، ميران ٻائي هر من ۾ وسي ٿي. گوتم ٻڌ کان وٺي کوڙ ماڻهن پنهنجون زندگيون ائين نه گذاريون، جيڪو سندن آسپاس جو ماحول هو، رهڻي ڪهڻي هئي زندگيءَ جو نظام هو، پر هنن پنهنجي اندر ۾ جيڪو سوچيو، تيئن زندگي گذاري. اهو انسان جو پنهنجو فيصلو آهي، مرتضيٰ ڀُٽي جي پٽ کي جيڪڏهن اهو ماحول نه مليو، سياسي ۽ خانداني اڪيلائين جو شڪار ٿي هن جي اندر جي انسان پنهنجي لاءِ هڪ الڳ رستو چونڊيو آهي ته ان لاءِ نه وڏي ڪنهن حيرت جي ڳالهه آهي، نه اجايو ڪاوڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن 70 ڪلفٽن ۾ ٻوساٽجي جيئڻ بدران آزادي جو هڪ وڏو شوڪارو ڀريو آهي، اهو هن جو بنيادي انساني حق آهي. جيڪي ماڻهو مرتضيٰ جي هن پُٽ کي سياسي ميدان ۾ ڏسڻ جا خواهشمند آهن، انهن مان گهڻن سندن سياسي سفر ۾ انهن جو ساٿ ڏنو آهي؟ اهي چند وڏيرا، جن مرتضيٰ جي اچڻ بعد سوچيو ته هاڻي مرتضيٰ ڀٽو اليڪشن کٽيندو، اقتدار ۾ ايندو، اهي به مرتضيٰ ڀٽي جي اليڪشن هارائڻ بعد پڙ ڏئي ميدان تان ڀڄي ويا. هن سالن تائين 70 ڪلفٽن جون ديوارون ڏٺيون، انهن ديوارن کي ڏسي ڏسي جڏهن ٿڪو ته هن برش کنيو، پهرين انهن ديوار تان ڄارا ڇاڻيان، مٽي ڇنڊي پوءِ انهن ديوارن جي پاڙن ۾ ڄمي ويل ڪچرو ميڙيو، وڻن جا سڪل ۽ ڇڻيل پن ميڙيا، اهو ڪچرو ميڙيندو ميڙيندو هو هڪ ڏينهن بلاول هائوس جي وڏن قلعي نما محلن جي آڏو پهتو. هن اتان ڪچرو ميڙيو پوءِ هو موٽي 70 ڪلفٽن آيو، انهن وڏين ديوارن کي ٻيهر ڏٺو، جيڪي هو ڄمندي ڏسندو پي آيو. هن کي عجيب ڪوفت ٿي، خوف ٿيو انهن ديوارن کان- جن ٻاهران رت جي بوءِ هئي، وحشت هئي ـ
پوءِ هن برش کڻي پئنٽنگ ڪئي، پوءِ هن ڪميرا کڻي فوٽوگرافي ڪئي، اڪيلائي کي روڪڻ لاءِ سنڌ جا ميلا گهميا- آخرڪار هو انهن ڪلبن تائين وڃي پهتو، جتان جي آيل 7 منٽن جي وڊيو سنڌ جي مردانگيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته ذوالفقار جونئير پنهنجي اندر ۾ هڪ انتهائي بهادر ماڻهو آهي. هن کي ان منزل تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏي ويڙهه وڙهڻي پئي هوندي. اندر ۾ وڏيون عدالتون لڳيون هونديون، ڊگها بحث ٿيا هوندا، روايتي سنڌي سماج جا، مسلم سماج جا، مٿئين طبقي جا کوڙ اندر ۾ موجود وڪيل هن جي اندر ئي اندر هن سان وڙهيا هوندا. انهيءَ ويڙهه ۾ آخرڪار هن سوڀ حاصل ڪئي هوندي ۽ هن جي اندر جي انسان کي جڏهن آزادي ملي ته هو اسان جي سامهون آيو آهي. اسان سندس زندگي گذارڻ جي ان فيصلي کي سندس آزادي سمجهون ٿا ۽ حمايت ٿا ڪريون
 ـ
Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s