رويتا ڪماريءَ جو اغوا سنڌين لاءِ سوال ـ عبدالخالق جوڻيجو

Force هڪ دفعو وري مذهب جي نالي ۾ سنڌ جي قومي وجود تي وار ڪيو ويو آهي، هڪ دفعو وري سنڌ جي قومي شناخت تي حملو ڪيو ويو آهي، هڪ دفعو وري سنڌ جي قومي ايڪتا ۽ مذهبي رواداريءَ واري ڪلچر کي مذهب منافرت ذريعي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هڪ وڌيڪ سنڌ جي نياڻي حملي آورن جي هوس جو نشانو بڻي آهي، هڪ وڌيڪ منهنجي ڀيڻ کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ ان جي جسم کي نيلام ۽ ان جي روح کي تار تار ڪيو ويو آهي. هن دفعي وارو رويتا ڪماري ميگهواڙ جو آيو آهي. چوڏهن سئو سالن کان سنڌ جي رجڪمارين کي اغوا ڪري نيلام ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. جيڪو اڄ رويتا تائين پهتو آهي. سڀاڻي خبر ناهي ڪنهن جو وارو ايندو، اڳي دمشق ۽ بغداد جي بازارن ۾ انهن جي سونهن جا سودا ٿيندا هئا، اڄ اسان جي آڏو انهن جي عصمت نيلام ٿئي ٿي ـ
ڀائيچاري ، امن رواداري، محبت ۽ انسان دوستي واري سنڌ جي ڪلچر جي بنيادن کي لوڏيندڙ اهو اڻ کٽ سلسلو اسان جي سامهون ڪجهه بنيادي قسم جا سوال اٿاري ٿو ـ
سڀ کان پهرين سوال هن رياست کان آهي، رياست جي سڀ کان پهرين ۽ بنيادي ذميواري ان ۾ رهندڙ شهرين جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ هوندي آهي، سنڌ جي حد تائين موجود رياست پنهنجي اها اولين ۽ بنيادي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، جيڪڏهن ڪير ان حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿو ته ان کي غدار ۽ ملڪ دشمن چيو وڃي ٿو پر اهي ملا اعلانيه ملڪ جي آئين ۽ قانون جي انحرافي ڪندا ٿا رهن ته انهن جي حوالي سان رياستي ادارا نه رڳو خاموش ٿا رهن پر ڪن صورتن ۾ انهن جا مددگار ٿا ٿين. ملڪ جي آئين م لکيل آهي ته سڀني شهرين جي حيثيت ۽ انهن جا حق هڪ جهڙا آهن ۽ ملڪي قانون اهو چوي ٿو ته ارڙهن سالن کان گهٽ عمر وارو ٻار آهي جيڪو زندگيءَ جي معاملن کي سمجهڻ ۽ انهن بابت فيصلا ڪرڻ جي اهل ناهي. جڏهن اهو ارڙهن سالن جو ٿئي ٿو تڏهن ان کي بالغ ۽ ذميوار شهري تسليم ڪندي کيس شناختي ڪارڊ جاري ٿئي ٿو. رڳو تڏهن اهو نوڪري ڪرڻ، ووٽ ڏيڻ، شادي ڪرڻ ۽ ٻين ذميوارين سنڀالڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي لائق ٿئي ٿو. مذهب جي تبديلي ته انهن سڀني معاملن کان مٿانهون ۽ انساني زندگيءَ جو انتهائي اهم ۽ نهايت حساس معاملو آهي جنهن لاءِ تمام گهڻو علم، ڄاڻ ۽ تجربو گهرجي پوءِ اهو ڪيئن ٻاراڻي عمر ۾ قابل قبول ٿي سگهي ٿو. جيڪي مولوي 13، 14 سالن جي ڇوڪرين جو مذهب ويٺا تبديل ڪرائين ۽ انهن جون شاديون ڪرائين انهن جي خلاف رياستي ادارا حرڪت ۾ ڇو نه ٿا اچن ۽ ملڪي قانون تي عمل ڇو نه ٿا ڪرائين ـ
ان کان پوءِ وارو اچي ٿو رويتا جو مذهب تبديل ڪرائيندڙ ملا (پير) جو ان کان پڇيو وڃي ته تو وٽ ڇوڪري ڪيئن ۽ ڪنهن سان گڏجي آئي؟ جيستائين هن جو ” مذهب تبديل “ نه ٿيو تيستائين شادي ڪا نه ٿي ۽ شادي نه ٿيڻ تائين سندس ٿيندڙ مڙس ان لاءِ هڪ غير محرم مرد آهي. اهي پير ۽ ملا صبح شام اهو وعظ ڪندا رهندا آهن ته بالغ عورت جو غير محرم مرد جي منهن چڙهڻ به گناهه آهي، گڏ گهمندڙ بالغ ۽ نا محرم مرد ۽ عورت جي ان گناهه خلاف اسلامي تعليم مطابق ملا ڪهڙو قدم کنيو؟ ۽ جيڪڏهن ڇوڪري هن وٽ اڪيلي آئي ته پوءِ ( قرآن شريف تي هٿ رکي ) ٻڌائي ته هن ڇوڪريءَ کان پڇيو ته اها اسلام کان ڪيئن متاثر ٿي؟ ڪهڙا ڪتاب پڙهيائين يا ڪهڙي فرشته صفت انسان جي ڪردار مان متاثر ٿي هن اسلام قبولڻ جو فيصلو ڪيو؟ ڇا جنهن شخص سان مولويءَ ” نئين مسلمان“ جو نڪاح پڙهايو آهي ان کي پاڻ کي اسلام جي رڳو بنيادي اصولن جي به خبر آهي؟ ان کي پيغمبر اسلام جي گذاريل زندگيءَ بابت ڪا ڄاڻ آهي؟ ۽ اهو ته آخري دفعو مسجد ۾ هو ڪڏهن ويو هئو ـ
انهن سڀني معاملن کان جيڪڏهن رياست بي خبر آهي يا مذهب جي نالي ۾ خود هن رياست جي قانون جي ڀڃڪڙين تي خاموش آهي ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو اهو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن ته ڇا رياستي ادارن جي سڄي طاقت ۽ سموري سجاڳي رڳو سنڌ جي پٽن کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ لاءِ آهي، باقي سنڌ جي نياڻين جي تحفظ لاءِ انهن وٽ ڪجهه ڪونهي؟ جي ايئن آهي ته پوءِ هن رياست کي هلائيندڙن کي اهو جواب به ڏيڻو پوندو ته هيءَ عربن جي چوڏهن سئو سال اڳ قبضي واري حڪومت آهي يا 1940ع واري قرارداد لاهور تحت رضاڪاراڻي اتحاد مطابق قائم ڪيل رياست؟
ان کانپوءِ سوال آهي ”رويتائن“ کي اغوا ڪري انهن جو مذهب تبديل ڪرائي انهن کي مال غنيمت سمجهندڙ شاهن کان توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان ڪيتري خطرناڪ رستي تي هلي رهيا آهيو؟ اڄ اهي ملا مولوي پير مذهب جي بنياد تي غير مسلمان سنڌين بابت فيصلا ڪري رهيا آهن پر سڀاني جڏهن فرقي جي بنياد تي اهي توهان جي خلاف اهڙا ئي فيصلا ڏيندا ۽ فتوائون جاري ڪندا ته سنڌي جيئن ته سڪيولر سوچ رکن ٿا ۽ غير مسلمانن سان گڏجي کائين پيئن ٿا تنهن ڪري اهي پڪا مسلمان ناهن ته پوءِ توهان ڇا ڪندئو؟ اها سولي ڳالهه سمجهڻ لاءِ توهان جيڪڏهن ڊگهي تاريخ نٿا پڙهي سگهو ته موجوده وقت ۾ افغانستان، عراق، شام، يمن، لبيا ۽ ٻين مسلم ملڪن تي ئي ٿوري نظر وجهو ته فرقي جي بنياد تي انهن جي جاري ڪيل فتوائن جي نتيجي ۾ مسلمانن جي ڪيڏي تباهي آئي آهي. ڪيترا مسلمان قتل ٿيا آهن ۽ ڪيتريون مسلمان عورتون انهن يورپي مردن جي رحم ڪرم تي روڊن رستن تي رلي رهيون آهن جن کي اهي ”ڪافر“ قرار ڏيندا آهن؟
نهايت اهم سوال انهن کان جيڪي سنڌ ۾ ” دلت تحريڪ “ هلائي رهيا آهن، ان منفي ۽ هاڃيڪار مهم جي مختلف پاسن تي ڪنهن ٻئي دفعي هتي رڳو اڄوڪو موضوع سان لاڳاپيل ڳالهه،اها مهم هلائيندڙ همراهه سنڌ جي آباديءَ جي هڪڙي وڏي حصي ( ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، باگڙي ۽ ٻين ) کي سدائين لاءِ مسلم اڪثريت واري ملڪ ۾ ٻئي درجي جو ( اڃا به ٽئين درجي جو) شهري بڻائي رکڻ ٿا چاهين. ان جو مطلب ته اهي هميشه لاءِ انهن جي نياڻين کي هوس پرست بگهڙن لاءِ آسان شڪار بڻائي رکڻ ٿا چاهين، اهي خود پاڻ کي سنڌي قوم جي اڪثريت ( مسلمان، هندو وغيره) کان الڳ ڪري رکڻ ٿا چاهين جڏهن ته اسان چئون ٿا ته اهي سنڌي قوم جو لازمي ۽ اڻٽٽ حصو آهن، سنڌ ۾ انهن جي حيثيت ۽ انهن جا حق ٻين سنڌين جي برابر آهن، اهي هن ڌرتيءَ جا وارث آهن ۽ پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن جي فتوا جا محتاج ناهن ۽ افغانستان، ايران، هندستان، برما سمرقند ۽ بخارا کان ايندڙ مهاجرن کان اڳ ۾ سنڌ تي حق انهن جو آهي. هاڻي اهي ٻڌائين ته انهن هٿ ٺوڪين دلتن جا خير خواهه اسان آهيون يا اهي دلت فرقي پرست؟
۽ هاڻي ذڪر انهن ” قومپرست“ ليڊرن، ليکڪن ۽ صحافين جو جيڪي سنڌي ماڻهن ۾ مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي تعريف ڪندڙ مذهبي انتهاپسندن کي وڏو سنڌ دوست ۽ عظيم قومپرست ڪري پيش ڪندا آهن. مان انهن کان پڇان ٿو ته اهي مذهبي انتهاپسند ته ٻين ملڪن کان ايندڙ مسلمانن کي معتبر ۽ سنڌ ۾ هزارين سالن کان رهندڙ غير مسلمانن کي ڪمتر سمجهندا آهن، نه رڳو سمجهندا آهن پر قرار ڏيندا آهن جڏهن ته نيشنلزم جو پهريون ۽ بنيادي سبق ئي اهو آهي ته قوم جا سڀ فرد بغيرڪنهن مذهبي يا نسلي متڀيد جي، برابر حيثيت جا مالڪ ۽ هڪ جهڙا حق رکندڙ هوندا آهن. پوءِ اهي مذهبي مهندار قومپرست ڪئين ٿيا؟ ۽ جيڪڏهن اها قومپرستي آهي ته پوءِ الله بخش سومري، جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جي قومپرستيءَ بابت ته ٻيهر سوچڻو پوندو. اتي خاص سوال انهن همراهن کان جيڪي پاڻ کي جي ايم سيد جو فڪري پوئلڳ به سڏائين ٿا ۽ انهن مذهبي انتهاپسندن کي به پنهنجو هيرو قرار ٿا ڏين. جي ايم سيد جي قومي فڪر جو مرڪزي نقطو اهو آهي ته سنڌي نيشنلزم کي سڀ کان وڏو خطرو پئن. اسلا مزم کان آهي، جي ايم سيد جي نيشنلزم جي هڪڙي ڪسوٽي اها آهي ته راجا ڏاهر سنڌ جو هيرو ۽ محمد بن قاسم غاصب آهي. هاڻي اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته جي ايم سيد به ” قومي رهبر آهي ۽ پئن اسلامزم جا پرچارڪ ۽ محمد بن قاسم کي هيرو قرار ڏيندڙ به ” عظيم قومپرست اڳواڻ“ ؟ ۽ پوءِ جيڪڏهن محمد بن قاسم واري سنڌ هوندي ته پوءِ سنڌ جون نياڻيون ته اغوا ٿينديون رهنديون ۽ انهن جو زبردستي مذهب به تبديل ٿيندو رهندو ۽ اغوا ڪندڙن سان انهن جون شاديون به ٿينديون رهنديون ـ
آخر ۾ هڪڙو سوال اسان سڀ سنڌي پنهنجو پاڻ کان ڪريون، اهو هيءُ ته آخر ڪيستائين اسان ٻاهران آيل ڌارين ماڻهن جي پسند ۽ مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ تي مجبور رهنداسين؟ ڪيستائين ۽ ڪيترائي ڀيرا عرب ۽ ارغون، افغاني ۽ غزنوي اسان کي مسلمان ڪندا رهندا ۽ ڪيستائين اسان پاڻ کي انهن مذهب جي نالي کي استعمال ڪندڙ انتهاپسندن ۽ انهن جي حمايتي حڪمرانن آڏو پاڻ کي جوابده سمجهندا ۽ مڃيندا رهنداسين. پيغمبر اسلام جيڪو پيغام ڏنو ته ” تنهنجو دين توسان، منهنجو دين مون سان“ ان تي صحيح ۽ مڪمل طرح عمل ته ڪريون ئي اسان سنڌي ٿا ته پوءِ زوريءَ ماڻهن تي پنهنجو مذهب مڙهيندڙ ۽ فرقن جي بنياد تي خود مسلمانن کي تقسيم ڪندڙ ڇو پاڻ کي دين جو واحد نمائندو سمجهندي اسان کي سبق ڏيندا ٿا رهن، يا ايئن چئجي ته اسان انهن کي موقعا ڏيندا ٿا رهون.اسان سڀ سنڌي بغير ڪنهن فرق جي شاهه لطيف کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما تسليم ڪريون ٿا. اُهو ته اهو ٿو چوي ته ” ڪو نه پڇي ٿو ذات، جيڪي آيا سي اگهي ويا“ پوءِ اسان ڇو ذات پات ۽ مذهب فرقي جي فرق کي وچ ۾ اچڻ ٿا ڏيون، ۽ شاهه لطيف هڪ شخص نه پر هڪ فڪر ۽ هڪ ڪردار آهي ۽ شاهه لطيف جي مزار رڳو هڪ بلڊنگ نه پر اعليٰ انساني قدرن واري فڪر ۽ ڪردار جي علامت آهي. اڄ مذهبي انتهاپسندن کان مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي انسانن ۾ تفريق ڪندڙن کان شاهه لطيف جي فڪر کي ۽ ان فڪر جي علامت مزار کي خطرو آهي. سنڌين کي ڪمتر ۽ پاڻ کي معتبر مسلمان سمجهندڙ سڀاڻي اها به فتويٰ جاري ڪري سگهن ٿا ته شاهه لطيف هندن فقيرن سان گڏ کائيندو هو، پيئندو هو، تنهن ڪري اهو ڪچو مسلمان هو. ڇا اهو سڀ ڪجهه ٿيندي اسان ڏسندا ۽ سهندا رهنداسين؟ جي نه ته پوءِ اٿو ۽ اچو ته نيشنلزم جي بنياد تي متحد ٿيون جنهن ۾ ڪو به ذات پات ۽ مذهب فرقي جو فرق ناهي، جو ڻيجا، چانڊيا، سيد، ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ سڀ برابر آهن. سڀ سنڌي قوم جو حصو آهن ۽ سنڌ تي پهريون ۽ اولين حق انهن جو آهي. اسان گڏجي اهو اعلان ڪريون ته سنڌ ۾ ايندڙ عرب، ارغون، ايراني يا افعاني، انهن کي سنڌ جي ڪلچر مطابق ۽ سنڌين جي آشيرواد سان زندگي گذارڻي پوندي، نه ڪي ان جي ابتڙ، اچو ته شاهه لطيف جي ان پيغام سان پنهنجي سڃاڻپ دنيا سان ڪرايون ته ” سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“
 ـ
Advertisements

One comment

  1. I think marriage and conversion is not problem. It’s free will of someone to choose something he like. My contension is that she can not marry and convert to Islam when she is under-age. According to the of the land, under 18 girls and boys have not right to vote because of their immaturity. On what grounds under-age individual is permitted to covert other religion?

    Like

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s