قومي تحريڪ ھڪ جائزو ـ دلشاد ڀٽو سينئر

Sindhi Nationalist
جڏھن 2010 م ٻوڏ آئي ھئي تہ مان بشير خان چيو ھو تہ ھي وقت پنھنجي ماڻھن سان ويجھڙائي پئدا ڪرڻ جو پنھنجن ماڻھن جا لڙڪ اگھڻ جو ء انھن کي احساس ڏيارڻ جو آھي تہ اھي لا وارث ناھن. انھن جي وارثي ڪرڻ لاء قومي تحريڪ موجود آھي ـ
بشير خان انتھائي نماڻائي سان مونکي جواب ڏنو ھو تہ قومي تحريڪ وٽ ايترا وسيلا ناھن جو انھن ڏتڙيل ماڻھن کي وري آباد ڪرڻ جو ڪم پنھنجي ھٿ م کڻي سگھي. اسان پنھنجن ڪارڪنن کي چندي تي ٿا ھلايون تہ قوم جي ڪھڙي مدد ڪري سگھنداسي ـ
جواب تلخ ھو پر اھو تلخ جواب تاريخ جو سڀ کان وڏو سچ ھو. سنڌ جي قومي تحريڪ واحد قومي تحريڪ آھي جيڪا بغير قومي سرمائيدار جي ھلي ٿي. سنڌي واحد قوم آھن جن جو سرمائيدار انھن جي قومي تشڪيل کان اڳ ھي ڌرتي ڇڏي ھليو ويو ھو پوء وري ھن مڙي بہ نہ ڏٺو تہ ان جي قوم ڪھڙي حال ۾ آھي ـ
جڏھن قومي تحريڪ تقاضائون پوريون نہ ڪري سگھي جڏھن ٻوڏ ڏتڙيلن جي مدد نہ ڪري سگھي جڏھن قومي تحريڪ خال ڇڏي ڏنو تہ ان خال کي ڀرڻ لاء حافظ سعيد جھڙا ماڻھون اڳتي آيا. انھن ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. تاريخ توھان جي باندي ناھي جو ان وقت تائين ترسي توھان جو انتظار ڪري جيستائين توھان تياري ڪري اچو ء پنھنجي ماڻھن جي واڳ سنڀالڻ جي اھل ٿيو ـ
تاريخ بي رحم آھي. جيڪو ان جا تقاضا پوري ڪرڻ جي صلاحيت رکندو تاريخ ان سان سلھاڙجي ويندي. 2010 جي ٻوڏ م سنڌي ماڻھن جو ڀرجھلو ٿي ايندڙ حافظ سعيد اڄ ايڏو طاقتور ٿي ويو آھي جو پوري ٿر جو بي تاج بادشاہ بڻجي ويو آھي ـ
اھو حافظ سعيد اڄ انڊيا سان لڳندڙ سنڌ جي بارڊر تي ويھي انڊيا جي لاء موت جو سامان تخليق ڪري رھيو آھي. ٿر م رھندڙ انھن ھندن جا بنياد اکيڙي رھيو آھي جن انھن ٿري ماڻھن جن کي دلت چيو ٿو وڃي انھن دلتن جي ووٽ تي سدائين ٿر جي ماڻھن جي سياسي نمائندگي ڪئي آھي. اڄ اھا سياسي نمائندگي انھن ھندو سيٺين جي ھٿن مان کسجي حافظ سعيد جي ھٿن ۾ وڃي رھي آھي. ٻين لفظن م ٿر جي اھا نمائندگي پنجابين جي ھٿن م وڃي رھي آھي ۽ اسان جو قومي سرمائيدار پنھنجي قوم جي وجود جي بقا جي جنگ وڙھڻ بجاء ھانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا ۽ دبئي جي مالياتي سرمائي کي ڪنٽرول ڪري رھيو آھي ـ
بدبخت آھي ھيء قوم جنھن جو سرمائيدار پوري دنيا جي سرمائي کي تہ ڪنٽرول ڪري ٿو پر ان جي پنھنجي قومي تحريڪ مفلوڪ الحال مفلس ء لاچار آھي. ايتري لاچار آھي جو ٿر ۾ حافظ سعيد جو مقابلو نٿو ڪري سگھي. جيڪا قومي تحريڪ حافظ سعيد جو مقابلو نٿي ڪري سگھي، اھا ٻيو ڇا ڪري سگھندي؟
ھڪڙو سرمائيدار يھودي سرمائيدار آھي جيڪو پوري دنيا جي سرمائي کي ڪنٽرول ٿو ڪري ٻيو سرمائيدار سنڌي ھندو سرمائيدار آھي جيڪو پوري دنيا جي سرمائي کي ڪنٽرول ٿو ڪري. يھودي جيڪي دنيا جي اھڙي رولاڪ آبادي ھيا جن جو ڪوبہ وطن نہ ھو ڪابہ ٻولي نہ ھئي ڪابہ شناخت نہ ھئي سواء ان جي تہ تاريخ جي اوائلي دورن م اھي فلسطين جي ڌرتيء تي رھندا ھيا. جڏھن يھودي سرمائيدار سنجيدگيء سان چاھيو تہ دنيا م ٽڙيل پکڙيل ان ڇڙ وڇڙ ء رولاڪ آباديء کي فلسطين م آباد ڪري ھڪ طاقتور قوم بڻائجي تہ پنھنجي سرمائيدار انھن کي طاقتور قوم بڻائي ڇڏيو. يھودي سرمائيدار اھو سڀ ڪجھہ ڇو ڪري سگھيو ڇو تہ ان پنھنجي ڌرتي پنھنجي وطن سان ناتا جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جو ھندو سرمائيدار پنھنجي وطن پنھنجي ڌرتيء سان ڪي بہ ناتا جوڙڻ لاء تيار ناھي. صرف ٻوليء سان محبت ڪرڻ جي بنياد ڪوبہ قومپرست ٿي نٿو سگھي جيستائين اھو پنھنجي ڌرتي پنھنجي وطن جو دفاع ۾ حصي دار نٿو ٿي. اھا تاريخي سچائي آھي تہ ڌرتي ڊي ڪلچر ڪري ڇڏيندا آھي. جنھن بہ ڌرتيء تي توھان رھو ٿا اھا ڌرتي ھڪ ڏينھن توھانکي ڊي ڪلچر ڪري ڇڏيندي. صرف ٻوليء جو دفاع ڪرڻ سان توھان پنھنجي نسلن کي ڊي ڪلچر ٿيڻ کان بچائي نہ سگھندؤ. جنھن ڏينھن توھان جي نسل ملائيشيا، سنگاپور ۽ دبئي جي ڌرتيء ۾ ضم ٿي ويا. ان ڏينھن توھان نہ سنڌي رھندئو نہ ھندستاني. توھان جا پاڻ ۾ بہ ھڪ ٻي سان رابطا نہ رھندا. توھان پنھنجي شناخت وڃائي ويھندؤ. صرف ڪلچرل ڏينھن ملھائڻ سان ٻوليء جو دفاع نٿو ڪري سگھجي، ٻولي صرف ان وقت زندہ رھي سگھي ٿي جڏھن پنھنجي ڌرتي، پنھنجي زمين سان سلھاڙيل ھجي. ان ڪري پنھنجن نسلن کي سنڌ جي زمين سان سلھاڙڻ جي ڪوشش ڪيو ـ
دنيا م رھندڙ ھندو سرمائيدار جا بہ عجيب چونچلا آھن. پوري دنيا ۾ تہ سرمائيڪاري ڪري ٿو، پوري دنيا ۾ سنڌي ڏڻ بہ ملھائي ٿو پر سنڌ جي ڌرتيء تي سرمائيڪاري ڪرڻ لاء تيار ناھي. ورھاڱي کان وٺي اڄ ڏينھن تائين سنڌ جي ھر اديب، ليکڪ ء قلمڪار اھو تاثر پئدا ڪيو آھي تہ سنڌ جي ھندن سان وڏي زيادتي ٿي، انھن کي زبردستي لڏايو ويو. سنڌي ھندن کي ھتي تحفظ حاصل ناھي. تحفظ تہ ھتي ڪنھن بہ سنڌيء کي حاصل ناھي. پوء ڇا سڀ سنڌي پنھنجي ڌرتي ڇڏي ھليا وڃن؟؟ انڪري ھاڻي اھو تاثر ختم ٿيڻ کپي. جيڪڏھن اھو تاثر ختم نٿوٿي تہ پوء اسان پاڻ اھو جواز پئدا ڪري رھيا آھيون تہ ھندو سرمائيدار ھت اچي سرمائيڪاري نہ ڪري. پوري دنيا م سرمائيڪاري جو تجربو رکندڙ ھندو واپاري جيڪڏھن سنجيدہ ٿي تہ ھتي ويٺل ميمڻ ۽ نئون اڀرندڙ پنجابي سرمائيدار منڊيء ۾ ان جو مقابلو نٿو ڪري سگھي پر اصل ۾ ھندو سرمائيدار پاڻ سنڌ ۾ سرمئيڪاري ڪرڻ لاء سنجيدہ ناھي ـ
ھڪ طرف ھندو سرمائيدار سنڌ م سيڙپڪاري ڪرڻ لاء سنجيدہ ناھي تہ ٻي طرف ان جا رويا سنڌ جي قومي تحريڪ ڏانھن بہ مثبت نہ رھيا آھن. اھا ھڪ جنرل ڪمپلينٽ آھي تہ سنڌ جا اھي ماڻھون جيڪي دبئي، ٿائيلينڊ يا سنگاپور گھمڻ وڃن ٿا اھي اتي رھندڙ ھندو سرمائيدار کان سنڌ جي نالي ۾ چندو ٿا وٺن ـ جيڪڏھن ان ڪمپلينٽ ۾ ڪا سچائي آھي ڪا حقيقت آھي تہ پوء اھي انتھائي غير سائنسي رويا آھن. قومي سرمائيدار قومي تحريڪ ۾ موجود ڪنھن ھڪ تنظيم جي چونڊ ڪري ان جو ضرورتون ء انقلابي لوازمات پورا ڪندو آھي، ھر ايندڙ ويندڙ کي چندي جي نالي ۾ خيرات نہ ڏيندو آھي. جيڪڏھن اوھان ھر ايندڙ ويندڙ کي چندو ڏيو ٿا تہ پوء يقينن پنھنجون ياريون باشيون ٿا ٺاھيو. قومي تحريڪ جي ڪا خدمت نٿا ڪيو. توھان چاھيو ٿا تہ قومي تحريڪ م موجود ھر ڌڙي سان توھان جا تعلقات ھجن ياريون باشيون ھجن. جيڪڏھن يارن باشين لاء ڪا رقم ڏيو ٿا تہ پوء نجي محفلن م ويھي ان کي اشتھار ڇو ٿا بڻايو؟
ٻيو قومي تحريڪ ٻن چئن ھزار درھمن جي خيرات تي نہ ھلندي آھي. انھن کي ھلائڻ لاء ملين ڊالرز جي ضرورت پوندي آھي. جيڪا ضرورت صرف قومي سرمادار پوري ڪري سگھندو آھي. قومي تحريڪون جو ضرورتون پوريون ڪرڻ ڪنھن ڪارڪن ڪنھن ننڍڙي واپاري، ڪنھن کاتيدار يا ڪنھن زميندار جي وس جي ڳالھہ ناھي ھوندي ـ
ايم ڪيو ايم ڪا انقلابي تنظيم ناھي پر پوء بہ الطاف حسين لنڊن ۾ ويھي جيڪڏھن اتي ايم ڪيو ايم جي سيڪٽريٽ ھلائي ٿو تہ ان جي پويان ڪراچيء جي ميمڻ واپاريء جي ڪروڙن روپين جو پئسو آھي. الطاف حسين ايم ڪيو ايم کي ان ميمڻ واپاريء جي ٻل ٻوتي تي کڙو ڪيو ھو اڄ بہ لنڊن سيڪريٽريٽ جا خرچ ۽ لوازمات ڪراچيء جي ميمڻ واپاريء طرفان ايندڙ ڪروڙن روپين جي چندي مان پورا ڪري رھيو آھي. سنڌ جو ھندو سرمائيدار مالي لحاظ کان ميمڻ واپاريء کان وڌيڪ سگھارو آھي. اھو جيڪڏھن چاھي ھا تہ سنڌ جي قومي تحريڪ کي ايم ڪيو ايم کان وڌيڪ طاقتور ۽ مظبوط ڪري سگھيو پي پر ھندو واپاري قومي تحريڪ کي سگھارو ڪرڻ لاء ڪڏھن بہ سنجيدہ ناھي رھيو. ٻہ چار ھزار درھم خيرات ڏئي پوء ان کي اشتھار بڻائيندو رھيو آھي ـ
سنڌ جو الميو اھو آھي تہ ڪراچيء جي مارڪيٽ م ويٺل ميمڻ سرمائيدار سدائين مسلم قوم جي تشڪيل ڪئي آھي ء عالمي منڊيء ۾ ويٺل ھندو سرمائيدار سدائين ھندو قوم جي تشڪيل ڪئي. سنڌي قوم جي تشڪيل ۾ نہ ميمڻ واپاريء جي ڪا دلچسپي رھي آھي ء نہ ھندو سرمائيدار جو ڪو رول رھيو آھي ـ
جڏھن قومي سرمائيدار قومن جي تشڪيل م رول ادا نہ ڪندو آھي. جڏھن قومي سرمائيدار قومي تحريڪ جي پويان نہ بيھندو آھي تہ لاوارث قومي تحريڪون ائين ئي ھلنديون آھن. جيئن سنڌ جي قومي تحريڪ ھلي رھي آھي. قومي سرمائيدار جي غير موجودگيء ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ ايترو ئي رول ادا ڪري سگھي ٿي جيترو ڪري رھي آھي. خالي ء ڇڙن ھٿن تي سنڌ جو قومي ڪارڪن جيڪڏھن سيپيڪ خلاف مزاحمت ڪري ٿو تہ ان کي جس ھجي. جيڪڏھن اڀري سڀري ئي سھي رياست جي خلاف مزاحمت جاري رکيون بيٺو آھي تہ ان کي جس ھجي ـ
ياد رھي تہ مذھبي انتھا پسنديء کي صرف قومپرستي روڪي سگھي ٿي، پر جيڪڏھن قومي تحريڪ ڪمزور ھجي تہ پوء حافظ سعيد جھڙا ماڻھون ئي اڀرندا ۽ انھن جي اوسر کي روڪي نٿو سگھجي. ڇوتہ تاريخ اسان جي باندي ناھي. تاريخ پنھنجي عمل۾ آزاد آھي
 ـ
Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s