انصاف جا انگور تو مون لاءِ کٽا آهن ـ بخشل ٿلهو

Protest
پوئين سال اڄوڪي تاريخ تي يعني 17هين جون تي منهنجي ڀاڻيجي بينظير قادري جو قتل ٿيو هو. بينظير سان گڏ پاڻ جهڙي سهڻي نوجوان مصطفي شيخ جو لاش به مليو هو. سال ڦري آيو. انصاف جتي هو اُتان چُريو ته ڪونه پر ڪنڌ ورائي اسانکي لوڻو به ڪونه هيائين. گهر ڀاتين بينظير ڀٽو جي شخصيت کان متاثر ٿي ڪري مٿس نالو رکيو هو پر ٻنهي جي جهڙوڪ زندگيون هڪجهڙيون ٿي ويون ٻئي قتل ٿيون ۽ ٻنهي جي قاتل آزاد آهن. بينظير قادريءَ جي ڪيس ۾ صحت جو شعبو، پنهنجي عضوون جي چڪاس رپورٽ ۾ ٻنهي حياتين جي خاتمي جو حياتياتي سبب به نه ٻڌائي سگهيو. پوليس وري مهينن تائين ڪيس جي جانچ ڪري (درحقيقت امڪاني شفاف جانچ جا سمورا گهٽ گهيڙ پاڻ بندي ڪري) ڏوهاري سامهون نه آڻي سگهي ۽ ڪيس کي اي ڪلاس (يعني ڏوهه ٿيو آ پر ڏوهاري نه ملي سگهيا) ڪري ميجسٽريٽ ٽو وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو. تڏهن کان هڪ گڏيل جانچ ٽيم جي آءِ ٽي جي گُهر سان عدالت جي شعبي ۾ ڦاٿا پيا آهيون. ماما يوسف لغاري جهڙي لائق وڪيل جو پيار آ جو هن وقت تائين بنا ڪنهن زماني واري ڳالهه ٻولهه جي ڪيس کي وڙهندو پيو اچي پر اڃا تائين اسانجو ڪيس ڪڏهن لڳندو ڪونهي، ڪڏهن لڳندو آ ته جج صاحبن جي ساڳين هدايتن تي پنج منٽن ۾ ختم ٿي ويندو آ ۽ وري پندرهن ڏينهن يا مهيني ۾ نمبر لڳرائڻ لاءِ اسانکي ٻيهر درخواست جمع ڪرائڻي پوندي آ. مطلب ته سني ڊيول جي مشهور فلمي ڊائلاگ “تاريخ پي تاريخ” واري ڪار لڳي پئي آهي. زندگي ۽ فلم يا فن ۾ فرق جون سرحدون گم ٿي ويون آهن اسان کي وري تڪڙ انڪري هئي ۽ آهي جو ڀوءُ هيو ته سال اندر جانچ هيٺ ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطي واروکوڙ سارو ڊجيٽل رڪارڊ ظايع ٿي ويندو (جيڪو شايد هاڻ به هٿ ڪري سگهجي ٿو) پر واقعي کي اڄ سال پوري ٿيڻ کانپوءِ به اسان جهڙوڪ جتي هياسين اُتي ئي بيٺا آهيون. نياڻي وارا ٿي ڪري اسان هن ڪيس جي توڙ تائين وڃڻ گهريو هيو پرگڏيل جانچ ٽيم واري اسانجي جائز قانوني گُهرکي نه ڪنهن اداري سمجهيو ۽ نه ئي آئينده سمجهڻ جو خيال اسانکي سمجهه ۾ اچي ٿو. چيو ويندو آ ته قانون انڌو هوندو آ پر مان چوان ٿو اهو ٻوڙي هئڻ سان گڏ گونگو به هوندو آ پر صرف عام لاءِ، پورهيت لاءِ، بي وس ۽ لاچار لاءِ پر خاص جي مفادن لاءِ دفاع لاءِ ته هن جا ڇهه ئي حواس ڪم ڪندا آهن ۽ جڏهن ڪنهن سبب ڪري سڀ حواس ڪم ناهن ڪندا ته ڪجهه ڏينهن ۾ ئي (بارن ٽو ڪِل اداران پاران بارن ٽو پنشِ دهشتگردي ٽوڙ) پور وڇوٽ هلندڙ هڪ نئون عدالتي نظام قائم ٿي ويندو آ. ڇو ته رياست ۽ سرمائي جو تحفظ ٻي هر تحفظ جي صورت تي مقدم آ ـ
سب خدا ڪي وڪيل هين ليڪن
آدمي ڪا ڪوئي وڪيل نهين ـ جون ايليا ـ
سو انصاف جو انگور تو مون لاءِ کٽا آهن پر ڪنهن ڪنهن لاءِ ڏاڍا مٺا آهن. اسان لاءِ انصاف جي ادارن جي هوند صرف ڏيک ۾ آهي، جيڪو پڻ بظاهر سمجهه کان مٿانهون لڳندو آهي. مان يونيورسٽي جو گريجوئيٽ آهيان ۽ سياسي ماڻهو آهيان پر مونکي عدالت سڳوري سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي. مونسان گڏ اندازن ٻه سو ماڻهو ٻيا ساڳي هال ۾ ويٺا هوندا آهن تن جي گهڻائي سان به پڪ آ ساڳي حالت هوندي ـ
نقش فريادي هي ڪس ڪي شوخيءَ تحرير ڪا
ڪاغذي هي پيرهن هر پيڪرِ تصوير ڪا. غالب
هڪ ته برطانوي سامراج هن ملڪ کي ٺاهيو ئي ايڏو حساس هو جو سمورا ادارا حساس ٿي ويا آهن. حق سچ جي ڳالهه ڪر ته حساس ادارا متحرڪ ٿي وڃن ٿا ۽ انصاف جي اڻهوند تي دانهون ڪر ته عدليه جي بيعزتي ٿي وڃي ٿي. جيڪا عدليه انصاف جي اوسيئڙي ۾ عمريون ڳاريندڙ عوام جي چويهه ڪلاڪ بيعزتي ڪندي هجي انکي پنهنجي عزت جي تحفظ جو ڪو حق ڪونهي. مونکي جڏهن جڏهن هن عوام دشمن نظام کان نفرت سوائي محسوس ٿي آ ته تڏهن سرائيڪي وسيب جي بخاري جهڙي عوامي شاعر شاڪر سجاع آبادي جي سٽون منهنجي ذهن تي تري اينديون آهن ـ
اي پاڪستان دي لوڪو،پليتيان ڪون مُڪا ڏيوو
نه تان جينهن وي اي نان رڪهيي، اي نان اونڪون ولا ڏيوو
جٿان مخلص نمازي هن، او مسجد وي بيت الله
اي ملان ديان دڪانان هن، مسيتان ڪون ڍاهه ڏيوو
اُتي انصاف دا پرچم، تلي انصاف وڪدا پئي
اهو جي هر عدالت ڪون بمعه عملا اڏا ڏيوو
پڙهو رحمان دا ڪلما،بڻو شيطان دي چيلي
مناق تان تون بهتر اي جو ڪافر نان رکا ڏيوو
جي سچ آکڻ بغاوت اي، بغاوت نان اي شاڪر دا
چڙهائو سر نيزي ڀانوين ميڏي خيمي جلا ڏيوو
اسان ته ٿياسين سياسي ماڻهو. سماج جي عزت کي پنهنجو ڪيوسين ۽ پنهنجي انفرادي عزت تي ڪڏهوڪو قُل پڙهي ڇڏياسين پر جتي سرمائيدارڻي انصاف جي سماجي حالت اها هوندي اُتي ان سماج ۾ ماڻهو انفرادي سطح تي انصاف حاصل ڪرڻ جي بيماري پاليندو آ. اسانجي سماج ۾ موجود پلاند واري غيرت ۽ بيماري جو بنيادي سبب وڏيرا يا جاگيردارڻي ثقافتي باقيات کان تهائين گهڻو هي سرمائيداراڻو عدالتي نظام آ. جيڪو بقول اناطول فرانس جي ته پنهنجي شاهاڻي برابري سان امير ۽ غريب ٻنهي کي ماني چوريءَ کان ۽ پلين هيٺان سمهڻ کان روڪيندو آهي ( سوال اهو آهي ته امير اِهو ڪم ڪندو ڇو؟) سرمائي جي خرمستي اڳيان قانون جي حُڪمراني ناهي بيهي سگهندي ۽ اڄ به جيڪڏهن ڪُجهه سماجن (جهڙوڪ پهرين دنيا جو اُتر آمريڪا، آسٽريليا ۽ يورپ وغير) ۾ اها قانون جي حڪمراني بظاهر به نه پر ڪنهن قدر موجود آهي ته انجا مُک ٻه سبب آهن. هڪ سندن سماج ٻيو سندن رياست. اهي سماج قانون جي آزادي لاءِ اسانجي وڪيلن جي تحريڪ کان وڌيڪ ۽ گهڻو عرصو وڙهيا آهن ۽ ٻيو ته سندن رياستون پنهنجي سماج سميت پوري دنيا جي واڌو قدر کي پاڻ وٽ ميڙي پنهنجي سماج کي گهڻو ڪُجهه ڏيڻ جي حالت ۾ هونديون آهن. ٻي صورت ۾ جي گهر ۾ چويهه ڪلاڪ ڌمچر هجي ته ڪنهن به رياست لاءِ ٻي دنيا جي وسيلن جي ڦُرلٽ ڪرڻ، ٻين ملڪن مٿان جنگين ۽ بمن جي صورت ۾ جمهوريت لاهڻ ممڪن ناهي هوندي. ان باوجود به اسانجا کوڙ سارا ماضي ۾ مختلف سياسي رجحانن سان ويجها ماڻهو هاڻ هڪ نه ٻي شڪل ۾ هن ئي سرمائيداراڻي نظام کي انسانيت جو اعلي جمهوري نظام سمجهن ٿا جنهن ۾ مسئلا به گهڻا آهن پر انهن کي به هن ئي نظام اندر قانوني ۽ ان حساب سان جمهوري جدوجهد ڪري بهتر ڪري سگهجي ٿو. (هڪڙا سائين عبدلقادر جوڻيجي پارا آهن جيڪي شايد عوامي سڌارن جي جدوجهد کي پراڻ پسندي ٿا سمجهن ۽ انجي به ضرورت محسوس نه ٿا ڪن. پڙهي ڏسو ٿر ڪول رٿا جي ثنا ۾ لکيل سندس تازا مضمون، جن تي لکڻ جو پڪو پهه به پڻ ڪري ويٺو آهيان) مُنهنجي هِن ڪالم جو مقصد پنهنجي پڙهندڙن کي موجود عدالتي نظام کي ڇڏي ڏيڻ جي صلاح ڏيڻ ڪونهي. پر ان جي ابتڙ انهن ادارن ڏانهن انصاف لاءِ رجوع ڪرڻ، انهن تي دٻاءُ واڌائڻ ۽ کين بهتر ڪرڻ آ ساڳي وقت اها وضاحت ڪرڻ پڻ آهي ته سماج ۽ ادارا عوامي صرف سُڌارن سان ناهن ٿيندا. انڪري اسان وڏي واڪي چوندا آهيون ته اسان سڌارن جي خلاف ناهيون پر اسان سڌارپسند به ناهيون. جسم جي ڪُجهه ڦٽن لاءِ ڦٽڪري يا ڦوٽو ته ڪُجهه ڦٽن لاءِ آپريشن ضروري هوندو آهي. پر ڪو رجحان يا ڪا تنظيم سرمائيداري جي ثنا ۽ سُڌارن کي حڪمت عملي طور نه پر اصول ڪري سمجهي ڇاڪاڻ ته ان سوشلسٽ نظام کي شڪست ڏئي پاڻ کي قائم رکيو آ ته اهو پڻ اسانکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ۽ عالمي موجود نظام جو جدلي ۽ مادي مطالعو ۽ پنهنجو ذاتي تجربو اسان کي ٻڌائي ٿو ته هي نظام جيڪڏهن اڃا به هلي پيو ۽ ان معني کيس مدي خارج نه چئجي ته انکي ڳريل سڙيل ضرور چئي سگهجي ٿو جنهن ۾ اوهان پاڻ کي انفرادي طور غير يقيني کان بچائڻ لاءِ نه صرف هر ٻي ماڻهو، سماج ۽ ملڪ کي پر پوري انسانذات سميت حياتي جي اُکٽ شڪلين کي پاليندڙ پوري ڌرتي کي ماحولياتي بي يقيني ۾ اڇلائڻ لاءِ هر وقت راضي هوندا آهيو. مارڪس سرمائي کي ڏائڻ ان مد ۾ ئي ته چيو هو جيڪا هوندي مئل آ پر حياتي جو رت پي سدا سهڻي ۽ جوان نظر ايندي آ. اسان مارڪسسٽ به جيڪڏهن هن نظام کي مدي خارج سمجهي ان خلاف سياسي مزاحمت جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان معني ۾ ڪيون ٿا ـ
Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s